نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ، حيدر علي پهرين ئي ميچ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي شروعات سان ڪورونا وائرس سبب ٺپ ٿيل ڪرڪيٽ سرگرميون بحال ٿي ويون ۽ نوجوان بيٽسمين حيدر علي پهرين ئي ميچ ۾ شاندار اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي.

ملتان ۾ شروع ٿيندڙ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ ناردرن جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي نوجوان بيٽسمين حيدر علي درست ثابت ڪري ڇڏيو ۽ ذيشان ملڪ سان گڏجي ٻي وڪيٽ لاءِ 180 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري مخالف ٽيم کي 243 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏيڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو.

ميچ ۾ حيدر علي 48 بالن تي 90 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 7 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته ذيشان ملڪ 47 بالن تي 77 رنسن سان ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو.

ناردرن جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 242 رنسون ٺاهيندي خيبر پختونخواهه کي ڪاميابي لاءِ 243 رنسن جو هدف ڏنو.

جواب ۾ خيبر پختونخواهه جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهي سگهي، اهڙي ريت ناردرن ميچ ۾ 79 رنسن جي وڏي مارجن تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.