سعودي عرب ۾ وڏي تبديلي، پهريون ڀيرو ڪُتن جو ڪيفي کُلي ويو

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ جتي ڪتن ۽ ٻلين سميت ٻين جانورن کي عوامي هنڌن تي آڻڻ تي پابندي هئي، اتي هاڻ ڪتن لاءِ پهريون ڪيفي کلي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب سعودي عرب ۾ ڪتن جو پهريون ڪيفي اوڀر صوبي جي شهر الخبر ۾ کوليو ويو آهي.

اهو شهر دمام کان ڪجهه وٿيءَ تي آهي ۽ اتان جا رهواسي تيل ڪڍڻ واري دنيا جي سڀ کان وڏي ڪمپني آرامڪو ۾ ڪم ڪندا آهن.

اهو شهر نار فارس جي ڪناري تي آهي، جنهن سبب اتي سياحن جي رش به هوندي آهي.

الخبر ۾ ڪتن لاءِ کوليل پهرين ڪيفي کي ”دي بارڪنگ لاٽ“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جتي ڪتن سميت ٻين جانورن کي به آڻڻ جي اجازت آهي پر ڄاڻايل ڪيفي خاص طور ڪتن لاءِ کوليو ويو آهي.

اهو ڪيفي ڪويت ڄائي سعودي عرب جي عورت دلال احمد کوليو آهي، جيڪا پاڻ به ڪتا پالڻ جو شوق رکي ٿي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هاڻ به سعودي عرب ۾ ڪتن سميت ٻين حرام تصوير ڪئي ويندڙ جانورن جي عوامي هنڌن تي موجودگي غلط سمجهي ويندي آهي پر ان باوجود اتي ماحول تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ڪتن سميت ٻين جانورن لاءِ خاص ڪيفي ۽ شيلٽر هوم کلي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.