پکو :سماجي اڳواڻ نثار ٻلهڙو ڪينسر سبب لاڳيتو بستري داخل، واهر جي اپيل

پکو ڀرسان 35 ورهين جو سماجي اڳواڻ نثار ٻلهڙو ڪينسر جو جوڳو علاج نه ٿيڻ تي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھي، گذريل ٻن سالن کان ڪينسر جھڙي موذي مرض سان جھيڙيندڙ نوجوان سرڪاري سھائتا ۽ علاج نه ٿيڻ تي ھڏن جي مُٺ بڻجي ويو، سندس علاج ٻاھرين ملڪ مان ٿيڻ جو چئي ڊاڪٽرن وڌيڪ علاج کان جواب ڏئي ڇڏيو ، رابطو ڪرڻ تي ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان نثار ٻلھڙو ٻڌايو ته  هو موذي مرض ۾ مبتلا آهي  وس آھر مختلف اسپتالن مان علاج ڪرايو پر ڪو به فائدو ناھي ٿيو ،گورنر عمران اسماعيل ۽ وزير صحت سرڪاري سطح تي علاج جو اعلان ڪيو ۽ آغا خان اسپتال ۾ داخل به ڪيو ويو پر ڪجھ مھينن بعد ڊاڪٽرن علاج جي رقم نه ملڻ ڪري علاج کان جواب ڏنو ،هن چيو ته ھينئر ڊاڪٽر ٻاھرين ملڪ مان علاج جو چيو آھي جنھن تي 80  لک روپيه خرچ ايندو،جنهن لاءِ سرڪار سندس مدد ڪري هن جي حياتي بچائي .

رپورٽ- عبدالوحيد ميئو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.