ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جو قتل: پاڪستان جو انصاف جي عالمي عدالت وڃڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار چيو آهي ته ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جي قتل جي معاملي تي پاڪستان هندو ڪائونسل متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ انصاف جي عالمي عدالت ويندي.

ڊاڪٽر رميش ڪمار ڀارت ۾ پراسرار طور ماريل هندو خاندان سان واسطو رکندڙ پاڪستان ۾ موجود اڪيلي عورت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو ته ڀارتي ايجنسي ”را“ پاڪستان مان ڀارت ويندڙ هندن کي جاسوسي لاءِ استعمال ڪندي آهي، انڪار تي انهن 11 ماڻهن جيان انهن کي قتل ڪيو ويندو آهي.

تحريڪ انصاف ايم اين اي ۽ پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيئرمين اعلان ڪيو ته متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اسان جلد سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين ۽ انصاف جي عالمي عدالت جو در به کڙڪائينداسين.

واضح رهي ته 9 آگسٽ 2020 تي ڀارتي رياست راجسٿان جي ضلعي جوڌپور ۾ 11 پاڪستاني هندن کي پراسرار طور ماريو ويو هو.

متاثر خاندان جي هڪ فرد جي ڌيءُ شريمتي مکڻي پريس ڪانفرنس ۾ الزام هنيو هو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ منهنجي خاندان کي پاڪستان مخالف ايجنٽ بڻجڻ جو چيو ۽ انڪار تي قتل ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.