پاڪستان ۾ سون جو مُلهه ڪِرڻ جو سلسلو جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جو مُلهه ڪِرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ في تولي سون جي قيمت ۾ وڌيڪ 7 سئو رپيا گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ 7 سئو رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 14 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت ۾ 6 سئو رپيا لاٿ ٿي آهي، جيڪو هاڻ 97 هزار 737 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جو قدر 15 ڊالر لهڻ کانپوءِ هڪ هزار 892 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.