شادي پلي شھر ۾ بلدياتي نظام بـ قسمت بدلائي نـ سگھيو، سهولتون اڻلڀ

شادي پلي (ن ع آ ) شادي پلي شھر جي  بلدياتي نظام جو مدو پورو ٿي ويو آھي  پر شھر سميت آس پاس جي سوين ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل نـ ٿي سگھيا، ٽائون ڪميٽيء سميت ٻن يوسيز يوسي حاجي پير شاھ ۽ يوسي ٻريجي جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ ھجڻ باوجود شھر سميت ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل نـ ٿيا ـ جڏھن تـ ٻنھي يونين ڪائونسلـن جي چيئرمين عوام کي پيئڻ جي لاء صاف پاڻي بـ فراھم نـ ڪري سگھيا، جڏھن تـ  شھر جي مين بازار ـ غريب آباد پاڙو ـ مسجد ڪالوني ـ راھو پاڙو ۽ ڪنڀار پاڙي سميت ٻين علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آھن شھر ۾  گندگي سان گڏ ڊرينج سسٽم پڻ ورھين کان ناڪارا بڻيل آھي، ان حوالي سان رهواسين عمران شاھ لڪياري، امداد بلوچ، منظور بلوچ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم آهن، سهولتون کان محروم آهيون، پر احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.