کوسڪي ۽ ڀرپاسي ۾ ھلندڙ منشيات جي اڏن خلاف ايس ٽي پي جي بک هڙتال ختم

کوسڪي ۽  ڀرپاسي ۾ ھلندڙ منشيات جي اڏن خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن پاران ٽن ڏينهن کان ھلندڙ بک هڙتالي ڪئمپ تي ايس ايڇ او کوسڪي عبدالستار گمڀير  پهچي ويو ، ايس ٽي پي جي ڪارڪنن سان ڳالھيون ڪرڻ به انهن کي مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي  ، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ محمد علي پنھور ۽ ايس ٽي پي ضلعي صدر محمد اسلم ميندو ، تعلقي صدر لکاڏنو عمراڻي جي مداخلت کان پوءِ ڪارڪنن کي جوس پيئاري بک هڙتال ختم ڪرائي وئي،  ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کوسڪي پوليس خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن ٽائون ڪميٽي جي صدر سان جيڪڏهن زيادتي ٿي آهي ته ان جو تدارڪ ٿيندو ۽ منشيات جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي

هنن چيو ته انهن جي ٺاهيل ڪميٽي سڀاڻي پوليس سان ڳالهيون ڪندي جيڪڏهن انهن جي مطالبن تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.