رئيل مي جا 3 بهترين فيچرز سان گڏ سستا فون متعارف

رئيل مي هلندڙ سال پنهنجي اسمارٽ فونز سيريز نارزو جا شروعاتي فونز متعارف ڪرايا هئا  ۽ هاڻ ڪجهه مهينن جي اندر ان کي وڌيڪ اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي.

ان ڀيري ڪمپني طرفان نارزو 20 سيريز جا 3 فونز پيش ڪيا ويا آهن جنهن ۾ نارزو 20 اي، نارزو 20 ۽ نارزو 20 پرو شامل آهي.

نارزو 20 پرو:

انهن ٽنهي مان هي سڀ کان طاقتور فون آهي ۽ مناسب قيمت ۾ بهترين فون کي ڳوليندڙن لاءِ بهترين قرار ڏنو ويو آهي.

اِهي فون ڏسڻ ۾ رئيل مي 7 جهڙو آهي ۽ ڪارڪردگي به ڪنهن حد تائين انهيءَ جهڙي آهي.

ان فون ۾ هيليو جي 95 پراسيسر ڏنو ويو آهي جنهن سان گڏ 6.5 انچ ايل سي ڊي ڊسپلي فل ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ۽ 90 ريفريش ريٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي.

ان فون ۾ نوچ جي جاءِ تي پنج هول ڊيزائن ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيميرا ڏني وئي آهي.

فون ۾ 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن.

ان فون ۾ ٻه 2250 ايم اي ايڇ جا سيل ڏنا ويا آهن جنهن سان بيٽري جي گنجائش 4500 ايم اي ايڇ ٿي وئي آهي جنهن سان گڏ 65 واٽ سپر ڊارٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

ان فون جي بيڪ تي 4 ڪيميرائن جو سيٽ اپ آهي جنهن ۾ مين ڪيميرا 48 ميگا پڪسل جي آهي، جنهن سان گڏوگڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل، 2 ميگا پڪسل بليڪ اينڊ وائٽ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا ڏني وئي آهي.

هي فون 25 سيپٽمبر کان سڀ کان پهرين ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جي 6 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج واري فون جي قيمت 205 ڊالرز (34 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 230 ڊالر 38 هزار پاڪستان رپين کان وڌيڪ هوندي.

نارزو 20:

ان فون ۾ به 6.5 انچ ڊسپلي واٽر ڊراپ نوچ سان گڏ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيميرا موجود آهي.

فون جي اندر هيليو جي 85 پراسيسر ڏنو ويو آهي جنهن سان گڏ 4 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان واڌ ڪري سگهجي ٿي.

ان ۾ 6000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جڏهن ته ريورس وائرس ليس چارجنگ جي سهولت به موجود آهي.

ان فون جي بيڪ تي به 3 ڪيمرا جو سيٽ اپ آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي، جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا ڏنو ويو آهي.

ان فون جي 4 جي بي ريم 64 جي بي اسٽوريج واري ويزن جي قيمت 145 ڊالرز ( 24 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري فون جي قيمت 155 ڊالرز ( لڳ ڀڳ 26 هزار پاڪستان رپيا) هوندي.

نارزو 20 اي:

انهن ٽنهي فونز مان سڀ کان سستو ۽ ڪافي حد تائين نارزو 10 اي سان ملندڙ جلندڙ ٿو لڳي.

ان فون ۾ 6.5 انچ جو ايڇ ڊي ڊسپلي اسڪرين ڏنو ويو آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ نوچ موجود آهي.

فون ۾ 665 پراسيسر ڏنو ويو آهي جنهن سان گڏ 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج جا آپشنز موجود آهن.

ان ڊيوائس ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي جنهن ۾ فاسٽ چارجنگ سپورٽ موجود ناهي پر ريورس چارجنگ جو فيچر ضرور ڏنو ويو آهي.

ان کان سواءِ ٽرپل ڪارڊ سلاٽ موجود آهي جيڪو 2 سمن سان گڏ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪندو آهي.

ان فون ۾ بيڪ تي 3 ڪيميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ 12 ميگا پڪسل مين ڪيميرا، 3 ميگا پڪسل بليڪ اينڊ وائٽ لينسس ۽ 2 ميگا پڪسل ريٽرو ڪيميرا شامل آهي.

اِهو ٽئين ڪيميرا فينسي فلٽرز ۽ پورٽريٽ موڊ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل ڪيميرا ڏني وئي آهي.

هي فون 30 سيپٽمبر کان موجود هوندو جنهن جي 3 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 115 ڊالر (19 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 130 ڊالر (21 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.