ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ايجنڊا  کي هٿي ڏني: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته گڏيل قومن جي اجلاس کان پهرين پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ ڀارتي سازش جو حصو آهي ۽ ن ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي ايجنڊا کي هٿي ڏني آهي.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ حڪومت مخالف ڌر جي ٺهراءَ تي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شبلي فراز، اسد عمر ۽ فواد چوڌري آل پارٽيز ڪانفرنس جي ٺهراءَ تي حڪومتي موقف ڏيندو.

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اي پي سي ۾ ويٺل چهرن ۽ انهن جي ذاتي مقصدن کان قوم آگاهه آهي، پهرين ٻڌايو ويو هو اِهي سمورا پنهنجي مفادن جي خاطر گڏ ٿيندا، مخالف ڌر جي اي پي سي رياستي دارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش هئي، مخالف ڌر جي ادارن تي تنقيد پنهنجي ڪرپشن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، ملڪ جا سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته پرڏيهه ۾ هڪ پوري لابي پاڪ فوج جي خلاف سرگرم عمل آهي، ڀارت پاڪستاني ادارن ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام سميت جنرل اسيمبلي اجلاس کان اڳ دنيا جو ڌيان ڪشمير تان هٽائڻ چاهي ٿو، گڏيل قومن جي اجلاس کان اڳ پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ ڀارتي سازش جو حصو آهي،  ن ليگ به هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ايجنڊا کي هٿي ڏني، ۽ هڪ ٻيو ٻيهر لنڊن ۾ ويٺل مفرور شخص ادارن کي بدنام ڪري رهيو آهي، نواز شريف جي تقرير ۽ ٽائمز آف انڊيا ۾ ڇپيل خبر هڪ ايجنڊا جو عڪس آهي، ان جي تقرير کان پوءِ پاڪستاني ادارن جي خلاف ڀارتي ميڊيا زهر اُڳاڇي رهيو آهي.

وزير اعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قومي سلامتي جي ضامن آهي، ملڪ تي جڏهن به ڪا آفت آئي فوج پنهنجي قوم جو ساٿ ڏنو، فوج قوم سان گڏ هڪ آواز ٿي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آهي، ليبيا، عراق شام جهڙا ملڪ ڪمزور فوج جي ڪري تباهه ٿيا، اسان ملڪي ادارن کي بدنام ڪرڻ واري سازش ناڪام بڻائينداسين ۽ عدالتن ۽ فوج کي بد نام نه ٿيڻ ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.