سيٺارجا ۾ ايڊمنسٽريٽر جي جارچ اي سي سوڀوديرو کي ڏيڻ خلاف مظاهرو

سيٺارجا ( ن ع آ ) سنڌ حڪومت پاران ميرواهه تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي ايڊ منسٽريٽر جي چارج اي سي ميرواهه بجاءِ اي سي سوڀوديرو حوالي ڪرڻ خلاف هلندڙ سياسي سماجي ڌرين جي احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ٿاڻي لڳ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ شهري اڳواڻن رسول بخش سهتو، ايڊوڪيٽ حسين بخش، سابق ڪائونسلت منظورحسين ڪٻر، جسقم اڳواڻ رحيم  سهتو، پ ٽ الف اڳواڻ محمد اڪرم حاجي، نوجوا اتحاد جي سرائي امداد خاصخيلي, فنڪشنل ليگ اڳواڻ اعجاز لنڊ، ايم ڊبليو اڳواڻ آغا طالب لنڊ، سماجي اڳواڻ رحيم بخش جوڻيجو ، اين ڊي پي اڳواڻ سجاد حسين سولنگي مختيار لنڊ, نذير راڄپر, گداحسين قادري ۽ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي  اڳواڻن چيو ته ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا ميرواهه تعلقي جي روينيو حدن ۾ هئڻ باوجود ان جي چارج هڪ سازش ۽ سياسي مفادن تحت اي سي سوڀوديرو کي ڏياري وئي آهي جيڪا سراسر عوام سان ويساه گهاتي آهي جنهن سان پريشانين ۾ اضافو اچي رهيو آهي.  ۽ اهڙي سبب ڪري ٽائون جي صفائي واري عملي کي پگهارون به نه ملي سگهيون آهن جيڪي گذريل 10 ڏينهن هڙتال تي آهن  جنهن ڪري سڄو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي ۽شهري عذاب ۾ مبتلا آهن جڏهن ته ٻيا ڪم ڪار پڻ متاثر ٿي رهيا آهن هنن چيو ته ايڊ منسٽريٽر جي چارج واپس اي سي ميرواه کي ملڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو وينديو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.