ٺري ۾ آبدار جي زيادتين جو نوٽيس وٺو:سماجي اڳواڻ

سکر( رپورٽر) ٺري ميرواهه جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نذير احمد ٻانڀڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايريگيشن ميرواهه سب ڊويزن کي هڪ آبدار دلاور لغاري هلائي رهيو آهي، آبپاشي کاتي جا اعليٰ عملدار اکيون بند ڪري ويٺا آهن،آبدار ميرواهه سب ڊويزن دلاور لغاري پاڻ کي ڪئنال مين سڏرائي آبادگارن کان زور زبردستي اوڳاڙي ڪندو رهي ٿو، جيڪي کيس پئسا ناهن ڏيندا انهن جي واٽر ڪورس تي دڪا هڻائي کين پاڻيءَ جي واري کان محروم ڪيو ويندو آهي، جنهن به کاتيدار سندس ان ناجائزيءَ خلاف دانهيو آهي ته دلاور لغاري ان کاتيدار جي واٽر شيئر لسٽ کي ڦيري سندس آبپاشي جو پاڻي وارو سسٽم بگاڙي ڇڏي ٿو ۽ اهو آبادگار پوءِ ڪاغذن کي درست ڪرائڻ جي لاءِ ايريگيشن آفيسن جا چڪر ڪاٽي ذليل ۽ خوار ٿيندو رهي ٿو يا وري ڪيسن جي حوالي ٿيو ويندو آهي. علي بحر واه، مير واهه، فيض واهه ۽ مڙني شاخن جي آبادگارن ڪيئي ڀيرا آبدار دلاور لغاري جي خلاف احتجاج پڻ ڪيا آهن ۽ آبپاشي جي اعليٰ عملدارن کي پڻ درخواستون ڪيون آهن، علي بحر واهه جي مختلف آبادگارن جي پاڻي جي شيئر لسٽون ڦيرائي انهن کي ويڙهايو پئسا پيو وٺي، هن چيو ته 45 سالن کان آبپاشي کاتي ۾ سينڪشن ٿيل جنهن واهيءَ مان زرعي زمين لاءِ پاڻي وهائي رهيا آهيون ان کي ڊاهي اسان جو پاڻي مخالفن کي ڏنو ويو آهي جڏهن ته اُهي با اثر موجائي برادري جي ميانداد ۽ سندس پوٽن جي زرعي زمين علي بحر واهه تي نه پر لُنڊي شاخ تي منظور ٿيل آهي جنهن جو اوريجنل رڪارڊ خيرپور ايريگيشن آفيس ۾ موجود آهي .

پر ايريگيشن سب ڊويزن جو آبدار دلاور لغاري جيڪو پوري سب ڊويزن ميرواهه جي واهن ۽ شاخن تي پنهنجو دٻدٻو هلائي آبادگارن کي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.