شادي پلي ۾ صارفين جو ٽيلينار سروس سست ھئڻ خلاف احتجاج

شادي پلي (ن ع آ) شادي پلي ۾ ٽيلينار سروس سست ھئڻ خلاف صارفين طرفان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي آصف آرائين، عمران شاھ لڪياري، رحمان شاھ نقوي،  نواز ڪي بي،  امداد بلوچ ۽ ٻين چيو تـ گذريل ٻن ھفتن کان ٽيلينار جي ڪال توڙي نيٽ سروس انتھائي ھلي رھي آھي،  ٽيلنار جا سنگل ھر وقت غائب رھن ٿا، ڪڏھن ته   ڪلاڪ سروس معطل ٿي ويندي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي   ٽيلنار سروس کي بھتر  بڻايو وڃي.

سکر ۾ آءِ بي اي يونيورسٽي جي 6 شعبن کي تعليمي وظيفا

سکر( رپورٽر) سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي 6 شعبن جي شاگردن کي تعليمي وظيفا ڏ نا ويا. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۽  پاڪستاني حڪومت جي سهڪار سان احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام هيٺ سال 21-2020ع جا چيڪ ورهائڻ جي تقريب ٿي. تقريب ۾  وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاھ 6 شعبن جي انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي تعليمي وظيفي جا چيڪ ورهايا. پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاھ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته  وزير اعظم جو احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام سڀ کان وڏو پروگرام آھي. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو مشن معاشي طور ڪمزور طبقي کي معياري اعليٰ تعليم جو موقعو ڏئي ڪميونٽي جي خدمت ڪرڻ آھي. تقريب ۾ لاڳاپيل شعبن جي سرواڻن به شرڪت ڪئي.

حيدرآباد ۾عورت جو پوليس ۽ بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي رحمان ٽائون جي رهواسڻ بيواهه پيرسن زيتون زال جان محمد ڦليلي پوليس ۽ بااثر ماڻهن جي ظلم خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي چيو ته ڦليلي پوليس سندس پٽ سجاد کي لوهه چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، سندس پٽ مٿان لڳايل الزام ڪوڙو آهي، هو محنت مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آهي. هن چيو ته پوليس هڪ بااثر جي چوڻ تي اهڙي ڪارروائي ڪئي آهي. هن گهر ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.