نوابشاهه: عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج جاري

عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڪراچي ڪميٽي، ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي قبضا، پاڻي تي ڌاڙا ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي ، ان موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن پاران نور احمد ڪاتيار، هرچند لال، ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي صبحاني ڏاهري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪنهن کي به اهو حق نه آهي ته هو ڪراچي جي الڳ صوبي لاءِ ڳالهه ڪري، حڪمرانن ڪرپشن جي ڪيسن کان بچڻ لاءِ غير قانوني ڪراچي ڪميٽي جو سهارو ورتو آهي، ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته حڪمرانن جي هٿرادو ٻوڏ جو پاڻمرادو نوٽس وٺي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.