اپوزيشن سواءِ جلسن جلوسن جي ڪجهه نه ڪندي: شيخ رشيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان اين آر او سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي.

راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ حساس قسم جي بل جي مخالفت ڪئي پر ڪالهه حڪومت کي ايف اي ٽي ايف جي معاملي ۾ وڏي فتح ٿي آهي، حڪومت مني لانڊرنگ بل تي بارگيننگ نه ڪئي ۽ نه سرينڊر ڪيو، نيب جي ڪيسن ۾ حڪومت جهڪاءُ نه ڏيکاريو.

هن چيو نواز شريف ۾ جرئت ناهي ته جيل ڪاٽي سگهي، هو اڄ به اين آر او جي ڳولا ۾ آهي پر پاڪستان اين آر او سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته ڪنهن به ڪا ريڊ لائن ڪراس نه ڪئي، ڪالهوڪي اجلاس ۾ شهباز شريف جو مورال ٿورو ڪمزور هو ۽ پيپلز پارٽي وڌيڪ فعال هئي، منهنجي شام جو بلاول ۽ شهباز سان ملاقات ٿي، سڀ مزي ۾ آهن.

سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ ڪالهه شهباز شريف اهڙي ڪا غلط ڳالهه نه ڪئي، شهباز شريف ڪالهه اسيمبلي ۽ اسپيڪر جو ڀرپور احترام ڪيو، رات شهباز شريف سان ڳالهه نه ٿي سگهي نه ته کيس چوان ها ته هو پاڻ کي ضايع نه ڪري.

شيخ رشيد چيو ته اي پي سي ناڪام ٿيندي، اپوزيشن سواءِ جلسن جلوسن جي ڪجهه نه ڪندي، ايس پي اي ۾ ڪير به شامل ٿي وڃي، مريم نواز به شامل ٿئي ڪجهه نه ٿيندو، اپوزيشن ”ٽائين ٽائين فش“ آهي، اپوزيشن پاڻ کان وڏو ڪو فيصلو نه ڪندي ۽ نه ڪري سگهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ شيعا سني ڏڦيڙ ڪرائڻ جي ڀارتي سازش ناڪام بڻائي وئي، شيعا سني عالمن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيندڙ ڪجهه ماڻهو پڪڙيا ويا آهن.

وفاقي وزير موجب سازش اها هئي ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد جهڙن حساس شهرن ۾ رتوڇاڻ ڪري سڄي ملڪ ۾ باهه ٻاري وڃي، جيڪا جوابدارن کي پڪڙي ناڪام بڻائي وئي آهي، ملڪ ۾ قائم شيعا سني هم آهنگي کي ڪير به نقصان نٿو پهچائي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.