ڪلوئي: امدادي راشن ۾نظرانداز ڪرڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

ڪلوئي ۾ ٻوڏ متاثرن پاران امدادي راشن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

امدادي راشن ۾ پنهنجا نوازي ڪرڻ خلاف ٻوڏ متاثرن  پاران ونگو پتڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن داهيندي چيو ته روينيو عملدار سياسي اڳواڻن سان ملي ڀڳت ڪري راشن حقدار ماڻهن بجاءِ پنهنجن ڪمدارن ۾ ورهائي رهيا آهن … ايس او ٽي

احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهرن ۾ ٽي کان چار فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، روينيو عملدارن کي ڳوٺ سروي لاءِ چيو جن سروي ڪرڻ بجاءِ آفيسن مان ڪڍي ڇڏيو

ٻوڏ متاثرن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته راشن ڏئي گھرن مان پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيا ويندا ……….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.