ڀان سيد آباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي جو مظاهرو

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) ڀان سيدآباد شهر مان معزز شخصيت سيد ڪوڙل شاهه، برڪت بروهي ۽ استاد وزير بروهي جي گهرن مان لکين رپين جي چورين ۽ شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين ڪاڪ لغاري، دڪاندار برڪت بروهي، غلام سرور بروهي، لياقت برهماڻي، عابد علي بروهي، پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار مينگل، نائب صدر آدم علي مينگل، ياسر شورو، عبدالڪريم جمالي، حاجي عاشق مينگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب جي سامهون مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ مهينو اڳ شهر جي چنا محلا جي بروهي پاڙي مان دڪاندار برڪت علي بروهي جي گهر مان 3 لک روڪ رقم ۽ 5 تولا سونا زيور، جڏهن ته ساڳئي محلي مان پرائمري استاد وزير علي بروهي جي گهر مان موبائيل فون ۽ روڪ رقم چوري ڪيا ويا، تازو هڪ ڏينهن اڳ سيد پيرل شاهه محلي مان شهر جي معزز فقير صفت انسان سيد ڪوڙل جي گهر مان 17 تولا سونا زيور ۽ 24 لک رپيا روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا پر افسوس ڀان پوليس هن مهل تائين ڪنهن به چور کي گرفتار نه ڪيو آهي، جنهن ڪري شهري پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا آهن آخر ۾ هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀان شهر مان بدامني ختم ڪرائي چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.