لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر استادن جا مسئلا حل ڪيا آهن: ترجمان

خيرپور(ڊر)شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور  جي ترجمان پريس رليز جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاهه پاران شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن (سلوٽا) جا جائز ۽ حقيقي مطالبا منظور ڪيا آهن. ڊاڪٽر مظفر سروهي جي اسٽدي موڪل جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي. مختلف استادن کي گھر ۽ ڪوارٽرز الاٽ ڪيا ويا آهن. فيڪلٽي ڊيولپمنٽ پروگرام تحت سيليڪشن بورڊ ذريعي مقرر ٿيل استادن جي تجربي جي مسئلي جي حل لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ايم فل الائونس 5000 کان وڌائي 12500 ڪيو ويو آهي جيڪو سينڊيڪيٽ جي حتمي منظوري ۽ فنڊز جي دستيابي سان مشروط هوندو. مختلف محققن جا ملتوي ٿيل ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ دي سيمينار جلد منعقد ڪيا ويندا. گريڊ 2 کان گريڊ 22 جي سمورن ريگولر ملازمن کي 70 سيڪڙو پگھارون جاري ڪيون آهن. فنڊز دستياب ٿيندا 30 سيڪڙو رهيل پگھار، ليو انڪيشمنٽ ۽ ٻيا بل جاري ڪيا ويندا. ترجمان وزير اعلي سنڌ کي اپيل ڪئي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي لاءِ اسپيشل بيل آئوٽ پيڪيج ڏنو وڃي ته جيئن پگھارون، پينشن ۽ ٻيون ادائگيون ڪري سگھجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.