عوامي خدمت کي عبادت سمجهون ٿا:بابر لنڊ

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ) پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر خان لنڊ پاران ميرپور ماٿيلو جي مختلف علائقن ۾ لاشاري برادري، ماڪا برادري، ڪلوڙ برادري، ميراڻي برادري سميت مختلف برادرين جي نياز لاشاري، عطاءُ الله لاشاري، مشتاق ماڪو، الطاف ميراڻي، عابد ميراڻي، استاد راهب ڪلوڙ ۽ ٻين سان پُڻ عذر خواهيون ڪيون، ان موقعي تي پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لُنڊ ميڊيا کي ٻڌايو ته پ پ پ عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام سان هر ڏک سک ۾ هميشه گڏ آهي، هن وڌيڪ چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجهان ٿو، ۽ دلي سڪون ملي ٿو، هن چيو ته مان گهر گهر وڃي عوام جا ڏک ۽ درد ٻڌان ٿو، ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيان ٿو جيڪو مون کان ٿئي ٿو مان عوام جي خدمت ڪيان ٿو، هن چيو ته ضلعي گهوٽڪي اندر جيڪي صنعتي ادارا آهن، انهن کي گهرجي ته هتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏين ته جيئن هتان جا ماڻهو روزگار ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.