شادي پلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، احتجاج

شادي پلي (ن ع آ) ٻن وارڊن تي مشتمل شادي پلي شھر کي واٽر سپلاءِ جو پاڻي مھيا ڪندڙ واٽر سپلاء تلائن ۾ برسات جو پاڻي ڀرجي ويو آھي ـ جنھن ڪري سموري شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري  ويو آھي ـ پاڻي جي بحران جو فائدو کڻندي گڏھ گاڏي وارن جا وارا نيارا ٿي ويا آھن، ـ جيڪي  سرندي وارن ماڻھن کي 300 کان 400 روپيا في ڊرم وڪرو ڪري رھيا آھن، ـ جڏھن تـ شھر جي غريب آبادي وارن علائقن جون اڪثر عورتون ـ مرد توڙي معصوم ٻار دلا ـ مٽ ۽ گيلن مٿي کڻي پري پري کان پيئڻ جو پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آھن،  ٻي طرف پاڻي کوٽ خلاف  مختلف پاڙن جي رهواسين  عمران شاھ لڪياري ـ نواز ڪي بي ـ اللھ بخش بلوچ ـ علي حسن بلوچ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته شهر ۾ پاڻي سخت بحران آهي پر انتظاميا ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو، هنن  وس وارن کان  مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

ٻيلو شهر: پ ٽ الف جي چونڊ، اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

ٻيلو شهر (ن ع آ) سنڌ ۾ پرائمري استادن جي نمائندا  تنظيم پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي 6 سالن کان بعد ٿيندڙ اليڪشن جو نامزد پينلن کان اليڪشن ڪاميٽي وٽ فارم ڀرڻ جو پهريون مرحلو شروع ٿي  ويو  ضلعي سجاول ۾ پرائمري استادن  استاد  اتحاد پينل ۽ استاد دوست پينل جي نالن سان پينل ٺاهي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ميدان تي لهي پيا  استاد اتحاد پينل جي اڳواڻي سالار سميجو ۽ نثار ميمڻ ڪرڻ لڳا، جڏهن ته استاد دوست پينل جي اڳواڻي موسيٰ لغاري ۽ عمر ميمڻ  ڪري رهيو آهي. ،   انهئ سلسلي ۾  سجاول جي اردو اسڪول ۾ قائم اليڪشن ڪاميٽي جي آفيس ۾  ٻنهي گروپن الڳ  پنهنجي پينل جا فارم اليڪشن ڪميٽي وٺ جمع ڪرايا  آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.