ٺل کي پيئڻ جو پاڻي نه مليو، شهري اڃارا، احتجاج

ٺل(رپورٽر)ٺل جي شهرين کي پيئڻ جو مٺو پاڻي نه ملي سگهيو،“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”احتجاجي تحريڪ تيز ٿي وئي،جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو،سخت نعريبازي،مٺي  پاڻي جي اسڪيم ۾ ڪرپشن جي جاچ جو مطالبو،نوجوان 10 رڪني ڪاميٽي پاران 20 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان، خبرموجب ٺل ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي،2012ع ۾ منظور ٿيل 58 ڪروڙ روپين جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ ڪرپشن ٿيڻ ۽ ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري ٺل جي شهرين کي پيئڻ جو مٺو پاڻي نه ملي سگهيو آهي. ،جنهن سبب رهواسي سخت پريشان ٿي رهيا آهن، ٺل شهر جا رهواسي پيئڻ جو مٺو پاڻي پئسن عيوض خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن،پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ گذريل چار مهينن کان شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن پر چونڊيل نمائندن کي جونءَ به نٿي چري،ٺل جي شهرين پاران“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي وئي آهي،ڪالهه جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهرين جي هٿن ۾ بينر،پلي ڪارڊ هئا جنهن تي پاڻي جي لاءِ مختلف نعرا لکيل هئا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن اعجاز ڪنراڻي،نظام الدين بنگلاڻي،ظفر لاشاري،سڪندر ڪنراڻي،گل حسن ٻرڙو،ممتاز ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته 2012ع ۾ منظور ٿيل پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم اٺ سال گذري وڃڻ جي باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي،58 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان اسڪيم ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي،ٺيڪيدارن پاران پئسا جاري ڪرائيندي هڙپ ڪيا ويا آهن،شهري ۽ سياسي پارٽين پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج رڪارڊ ڪرايا ليڪن ڪوبه کڙتيل ناهي نڪتو،هاڻي وري جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جنهن ۾ 14سياسي سماجي تنظيمن شامل آهن انهن سڀني تنظيمن پاران اهو عهد ڪيو ويو ته جيستائين مٺي پاڻي واري اسڪيم مڪمل نه ٿيندي تيستائين سک ۽ آرام سانه ويهنداسون،هنن چيو ته اڄ مٺي پاڻي لاءِ سمورو شھر ۽ تعلقو جاڳي پيو آھي،اڄ سڀئي گهري رهيا آهن "ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”،اڳواڻن چيو ته مٺي پاڻي لاءِ احتجاجن سان گڏ اسان نيب،اينٽي ڪرپشن،ايف آءِ اي،سنڌ ھاء ڪورٽ سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي اسيمبلي آڏو ڌرڻا هڻنداسين،اسان شھرين سان عهد ڪري نڪتا آھيون ته جيستائين شھر واسين کي مٺو پاڻي نه ملندو،ايستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.اسان پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت پ پ پ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته ٺل واسين کي مٺي پاڻي جي اسڪيم مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسڪيم ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪري ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي,ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،ٻئي طرف ٺل جي نوجوانن پاران جوڙيل 10 رڪني نوجوان ڪاميٽي پاران پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،ان سلسلي ۾ نوجوان 10 رڪني ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري،جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 18 سيپٽمبر تي 10 رڪني ڪاميٽي جي سڏ تي پيئڻ جي مٺي پاڻي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ ٽن ڏهاڙن جي لاءِ احتجاج ٺل کان شروع ڪندي سکر ۾ احتجاج ڪيو ويندو،19 سيپٽمبر تي حيدرآباد پريس ڪلب جي ٻاهريان ۽ 20 سيپٽمبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پيئڻ جي مٺي پاڻي جي بحالي جي لاءِ احتجاج ڪيو ويندو،جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،10 رڪني ڪاميٽي جي اڳواڻن فخرالزمان سومرو،حامد گولو،انيس الرحمان سومرو ۽ ٻين ٻڌايو ته پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ ٺل ۾ احتجاج ڪرڻ کانپوءِ هاڻي سکر،حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو،اسان جو مقصد رڳو ٺل جي شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ آيل اسڪيم جو ڪم مڪمل ڪرائڻ آهي جنهن جي لاءِ اسان احتجاجي تحريڪ هلائي رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.