سڳيون لڳ سدا واهه ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ

سڳيون ) رپورٽ: صدورو چنه ) سڳيون ڀرسان ڳوٺ لعل ڏنو چنو جو رھواسي 55 ورھين جو پيرسن علي ھوت ولد خان محمد چنو پير  ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته مقامي ٽوٻن پاران سندس  لاش جي ڳولا جاري، ٻئي پاسي گذريل ڏينهن سڳيون ڀرسان سدا واھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل مڪيش ڪمار ولد رامچند عرف رامو جو لاش ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 22 ڪلاڪن بعد مقامي ٽوٻن جي مدد سان ھٿ ڪري ورتو آهي،جڏهن ته سڳيون ڀرسان آيل ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر 2 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جتي تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت مقامي ٽوٻن ذريعي ٻڏي ويلن مان ھڪ ڄڻي جو لاش ھٿ ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻئي جي ڳولا جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.