لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جي آپگهات جي جاچ جو حڪم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش وياج خورن کان تنگ اچي ڦاهو کائي خودڪشي ڪندڙ مراد واهڻ  واسي هوٽل مزدور صدام بروهي واري واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او شهيد الاهي بخش کي سخت هدايتون جاري ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  ان موقعي تي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش چيو آهي ته لاڙڪاڻو پوليس طرفان گذريل ٻن سالن جي عرصي دوران وياج جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي.  هن چيو ته صدام بروهي وارو واقعو دل ڏکوئيندڙ آهي ان لاءِ لاڳاپيل وياج خور جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.