جيڪب آباد ۾ ڦر ڪوشش، مزاحمت تي 2 ڳوٺاڻا رتورت، احتجاج

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد ويجهو موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي ٻه ڳوٺاڻا زخمي، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ڦورو کان ڪلاشنڪوف کسي ورتي، ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج جيڪب آباد  جي مولاداد ٿاڻي جي حد مائينر شاخ وٽ جيڪب آباد کان ڳوٺ ويندڙ تاج محمد بروهي ۽ ديدار بروهي کان ٽي ھٿياربند ڦورن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪيو جنهن دوران ھٿياربندن ڪلاشنڪوف جا بٽ ھڻي ٻنهي ڳوٺاڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو زخمي ٿيل ڳوٺاڻن مڙسي ڪري موٽر سائيڪل بچائي ھڪ ڦورو کان ڪلاشنڪوف کسي ورتي جنهن بعد ڦورو فرار ٿي ويا جڏهن ته ڳوٺاڻن پريس ڪلب جيڪب آباد پھچي مولاداد پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن نظر حسين بروهي، عبدالرزاق شاهه، محمد شريف بروهي ۽ ٻين دانھيو مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ ڦر جي وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي اطلاع باوجود پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.  ھنن ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او کي ھٽايو وڃي ۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪري امن امان جي صورتحال يقيني بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مولاداد دلي جان مگسي رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن ھٿياربندن کان ڪلاشنڪوف کسي پوليس حوالي ڪيو آهي جڏهن ته ھٿياربندن جا پيرا کنيا آهن جيڪي دادپور جاگير ۾ لڳا جلد ھٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويندو،.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.