ٽنڊي آدم ۾ ٿاڻي ڀرسان هڪ ئي رات 5 چوريون

تنڊوآدم (ت ر) ٽنڊي آدم ۾ بد امني تي ضابطو نه آيو سٽي ٿاڻي جي ڀرسان هڪ ئي رات ۾ چوري جا 5 واقعا پيش آيا آهن جن  ۾  شاھ ڪامپليڪس مان چور نثار شيخ جي دڪان مان 5 هزار روڪ ، هڪ بيٽري ، جهانزيب جي فروٽ جي دڪان مان 15 هزار رڪ ، 2 بيٽريون ، راشد جي دڪان مان 13 هزار روڪ 2 بيٽريون جڏهن ته ڊوڊو جي مانڊڻي ٽوڙي چور 25 هزار روڪ ۽ ٻيوسامان چوري ڪري فرار ٿي ويا واقعن بابت سٽي ٿاڻي تي درخواست ڏني ويئي پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي  ٻئي طرف ٽنڊوآدم ۾ وڌندڙ بد امني مان صحافي پڻ متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ چاٻي چور 4 ڏينهن اڳ صحافي جاويد دولتانه ۽ عمران غوري جون موٽر سائيڪلون چوري ڪري ويا جڏهن ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڦورو شهدادپور جي سينئر صحافي نور سنڌيءَ جي پٽ سرواڻ سنڌي کان هزارين روپيه روڪ ۽ موبائل فون پڻ ڦري ويا هئا پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ۽ بد امنيءَ تي ضابطو آڻي ناهي سگهي پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافين ٽنڊوآدم ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو اهي ته بدامني تي ڪنٽرول ڪري چوريون ۽ ڦرون واپس ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي نه ته احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.