ڊائو يونيورسٽي جي شاگردن جي دانهن ۽ ٻوڙا حڪمران !ط

شهباز پيرزادو

شاگرد پوري سماج جي گڏيل ترقي منجهه هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا آهن، ڇو جو سندن ذهن تازو توانو ۽ جديد دنياوي گهرجن کي سمجهندڙ هوندو آهي. نوان نڪور ذهن، سماجن کي نت نت نيون ايجادون ۽ نظريا ڏيندا آهن انڪري هر رياست جي اها اخلاقي ذميواري  آهي ته نون نڪور ذهنن کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ منظم اداراسازي ڪجي ۽ اهڙو بهتر ماحول ٺاهجي جنهن ۾ شاگرد پنهنجي صلاحيتن جو کليل نموني اظهار ڪري ۽ هڪ اهڙي روشن راهه ٺاهي جنهن تي هلندي سماج ترقي ڪري ۽ ماڻهن جي آزندگي آسان کان آسان ٿئي ……

پر اسان وٽ ابتي گنگا وهي رهي آهي. شاگرد پنهنجي جائز مطالبن لاءِ روڊن ، رستن ۽ پريس ڪلبن تي دانهون ڪري رهيو آهي سندن  دانهن ڪو به حڪمران  هڪ ته ٻڌڻ لاءِ تيار  ناهي ويتر ان دانهن کي دٻائڻ جون تمام گهڻيون ڪوششون پئي ڪندو آهي.

گذريل ڏينهن کان فيس بڪ تي هڪ سال اڳ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پراسرار نموني سان قتل ٿيل ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي تصوير گردش ڪرڻ سان گڏ   سندس رت سان انصاف جو مطالبو به ٿي رهيو  آهي ته ساڳئي وقت ته  ڊائو يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران هاسٽل تي قبضي خلاف لڳايل بک هڙتالي ڪئمپ تي ڪمزوري سبب بيهوش ٿي ويل قومي راڳي سڄڻ سنڌي جي پٽ شاهزيب اعواڻ جي تصوير به هر خاص ۽ عام ماڻهو شيئر ڪري رهيو هيو آهي ،   سال گذرڻ باوجود به شاگردن سان ٿيندڙ استحصال جو سلسلو ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي ٿيو البته ڏينهون ڏينهن ان منجهه اضافو ٿيو آهي

ان سموري جبر ۽ ڏاڍ جو اصل ذميوار ڪير آهي، اهو سوال سنڌ جي هر شاگرد جي ذهن ۾ ڪافي عرصي کان ڦيراٽيون کائي رهيو آهي پر اڃان ان سوال جي جواب جي سرحد نظر ڪونه آئي آهي

شاگرد هاسٽل جهڙي بنيادي سهولت جو مطالبو ڪندي ڪندي ٻن مهينن کان سراپا احتجاج آهن پر وقت جي حڪمرانن سندن دانهن هن مهل تائين ناهي ٻڌي،  ڇا هي فقط ٻن مهينن جو احتجاج آهي

‏ڇا هي سڀ گهڻ رخو نقصان ناهي

‏جيڪڏهن هن قسم جو ورتاءُ شاگردن سان جيئن جو تيئن جاري رهي ته سندن مستقبل ڪٿي وڃي بيهندو ۽ سماج اندر شاگرد طبقي جي حيثيت ڇا وڃي بيهندي؟

‏ڊائو يونيورسٽي جا احتجاج ڪندڙ شاگرد ٻڌائين ٿا ته سندن هاسٽل جي عمارت عارضي وقت لاءِ آءِ پي ايم آر (انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن ايڊ ريهابليٽيشنس ) کي ڏني وئي جنهن تي هاڻ اهي قبضو ڪري ويا آهن ۽ خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب شاگرد سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي.  آءِ پي ايم آر جي ڊائريڪٽر نبيلا سومرو طرفان مسلسل شاگردن کي اهو به چيو وڃي ته هاڻي هاسٽل اوهان کي نه ملندي فضول احتجاج نه ڪيو.

ان قسم جون ويساهه گهاتيون سنڌ  جي ٻين ورسٽين سان ٿينديون رهيون آهن. سنڌ ورسٽي جي هاسٽل جي هڪ عمارت ۾ سنڌ پوليس کي ويهاريو ويو ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي هاسٽلن مٿان رينجرس جو قبضو آهي هاڻ ڊائو يونيورسٽي جي هاسٽل واري عمارت کي ڦٻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي جنهن تي نه يونيورسٽي انتظاميه ڪجهه ڳالهائي رهي آهي ئي نه وري حڪمران ڌريون شاگردن جي بيوسي ڏسڻ بعد ڪو نوٽيس وٺي رهيون آهن‏.

‏ بس شاگرد پنهنجي زخم کي پاڻ کي پٽيون پيا ٿا ٻڌن،  سندن ڳلن تي ڳوڙها  آهن ۽ زبان رت سان ڀريل هجڻ بعد به پريس ڪلبن تي اميدن جا ڏيئا ٻاريون ويٺا آهن ته ڪوئي سندن سڏ ورنائيندو ۽ سندن جائز مطالبو تسليم ڪندو   پر افسوس جي ڳالهه هي آهي ته شاگردن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکڻ به ڪو سياسي ليڊر ڪونه ويو آهي، نڪي سندن استاد ڪئمپ تي وڃين سندن حال ڀائي ٿيا آهن،  شاگرد بک تي به رهي ٿو ، روڊ تي به سمهي ٿو ، مطالبو به ڪري ٿو ، تقرير به ڪري ٿو  بيهوش به ٿئي ٿو ۽ وري اٿي ٿو ۽ اياز جو شعر سر ۾ جهونگاري ٿو ته

‏جي هانء نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين

‏ڇو پير پساري ويٺو آنءُ ، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين

اسان جي ادارن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي  شاگردن کي لائبريرين ۽ ليباٽرين ۾ هجڻ بدران پريس ڪلبن تي دربدر ۽ خوار ٿيڻ جو ڪو شوق ڪونهي  هو پرسڪون ماحول ۾ سکڻ سمجهڻ ۽ پڙهڻ چاهين ٿا ، احتجاج ڪندڙ سڀ جا سڀ شاگرد پنهنجن پنهنجن سبجيڪٽس ۾ تمام سٺي قابليت رکن ٿا. گذريل ڏينهن قومي راڳي سڄڻ سنڌيءَ جو بک هڙتال دوران بيهوش ٿي ويل پٽ ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ دوران پوري لاڙڪاڻي ۾ ٽاپ اسڪور ڪيو  ان قابليت کي تسليم ڪندي حڪمران ڌرين جي ذميواري آهي ته ڊائو يونيورسٽي جي شاگردن جو جائز مطالبو مڃيو وڃين

احتجاجي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگرد عبدالڪريم ، شهزاد بلوچ ۽ شڪيل جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ کوڙ ساريون سياسي تنظيمون ڪم ڪن ٿيون پر ڪوئي به اڳواڻ وٽن لڙي ناهي ويو صرف شاگرد تنظيمن جي نوجوان اڳواڻن ئي سندن درد کي محسوس ڪندي ساڻن گڏ گڏ بيٺا آهن. جساف اڳواڻ مبشر جاگيراڻي ، سنڌي شاگرد سٿ جي وجاهت جاگيراڻي ، پي آر ايس ايف جي جئه ڪمار،  ڊاڪٽر ثناگر جاگيراڻي ، انجيئر عمار ملڪ ، فراز چولياڻي  ۽ سرمن بروهي سندن ڪيئمپ تي وڃين سندن آواز کي سگهه بخشي آهي .

شايد اهو انڪري جو سنڌ جي اندر سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن سان ٿيندڙ انياءِ ساڳيو آهي ۽ يونيورسٽي انتظاميه توڙي سنڌ حڪومت جو رويو به سڀني شاگردن ڏانهن ساڳيو آهي

هاسٽل جي جائز مطالبي لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگرد خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته گذريل سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صاف پاڻي لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگردن مٿان ملڪ سان بغاوت جو ڪيس داخل ٿيو هيو  ڪٿي اسان جي جائز مطالبي کي به نه ان رنگ ۾ رنڱيو وڃي ڇو جو قابض ڌر ڪجهه به ڪري يا ڪرائي سگهي ٿي .

سنڌ جي سموري باشعور سياسي پارٽين توڙي سنڌ حڪومت کي شاگردن کي عزت ڏيڻ گهرجي، سندن ڪئمپ تي وڃي کين ڳلي لڳائڻ گهرجي ۽ سندن جائز مطالبو به مڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سندن مطالبو آئيني جهموري ۽ قانوني آهي  پر افسوس سماج اندر انفراديت کي هٿي ملي رهي آهي جنهن سبب ڪوئي ڪنهن جي حال کان  واقف ناهي، نڪي ڪير ڪنهن جي درد کي محسوس ڪري ٿو، اتي هاسٽلن جي مطالبو اجتماعيت کي هٿي به وٺرائي ٿو ڇو جو شاگرد هڪ هنڌ تي گڏ ٿيندا ،سندن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿيندا  ان سان گڏوگڏ ڪمبائين اسٽڊي جو ماحول جڙندو ، خيالن جي ڏي وٺي ٿيندي ، هڪٻئي کي سمجهي سگهبو ۽ هڪ ميز تي ويهي سماج کي بهتري ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ويچاري سگهبو .

سو ان قسم جي شاندار آئيني مطالبي کي مڃڻ گهرجي ۽ شاگردن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي  ڇو جو شاگرد جيڪڏهن بيوسي جي عالم ۾ زندگي گذاريندو ته پوري سماج اندر بيوسي جي هڪ لهر جنم وٺندي جيڪا لهر سماج جو ٻيڙو ٻوڙڻ تائين ختم ڪانه ٿيندي.

هاڻي اهو اسان جي حڪمران ڌرين تي ڇڏيل آهي ته هو سماج جو ٻيڙو تارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ٿا يا ويتر ان کي غرق ڪرڻ چاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.