جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

سيد يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ چيو ته ”اڱاري جي ڏينهن جيڪا عمران خان تقرير ڪئي آهي، ان ۾ غريبن کي ايڏا آسرا ۽ ايڏين اسڪيمن جو اعلان ڪيو آهي، جو هاڻ سچ پچ اهي سڀ خواب جيڪي ٻين ڏيکاريا هئا، اهي عمران خان جي زماني ۾ عمران خان جي هٿان پورا ٿيڻا آهن، گهر به ٺهي ٿا ملن، بنا وياج جي قرض به ٿا ملن، ۽ هر شعبي جي لاءِ وڏيون مراعتون به اعلان ڪيون ويون آهن، پر عملي طرح نه ميڊيا ان کي بحث مباحثن ۾ آندو آهي، نه ان جي ساراهه ۾ پي ٽي آئي جي ٻين ساٿين ۽ وزيرن اهڙي انقلابي اعلانن جو خير مقدم ڪري، عوام ۾ خوشيءَ جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪه صورتحال اسڪولن کلڻ جي ڪري جيڪا تبديل ٿي رهي آهي، ان ۾ جيتريون به خرابيون گذريل ڇهن مهينن ۾ لاڪ ڊائون ۽ وائرس جي ڪري پيدا ٿيون، انهن ۾ ڪٿي انقلابي تبديليون آيون آهن، پرائيويٽ اسڪولن ايس او پيز تي عمل ڪندي باقاعدي اسڪولن، شاگردن ۽ استادن جون صفايون ڪرائي، دوائون لڳائي، ماسڪ چاڙهي، نئين نظام کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پرائيويٽ اسڪولن وڏو سٺو قدم کنيو آهي، جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۾ ڇهن مهينن کان صفائي نه ٿي آهي، ويتر برساتن انهن بلڊنگن جي جيڪا حالت ڪئي آهي، انهن باٿ رومن جي جيڪا حالت ڪئي آهي، ان کي ڏسندي والدين پنهنجا ٻار پهرئين ڏينهن اسڪول مان ئي واپس وٺي ويا، جڏهن ته مجموعي طرح سڄي پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ اهائي حالت پيدا ٿي رهي آهي، پنجاب جي پوليس ۾ پنجاب جي حڪومت جي خلاف جيڪا بي يقيني جي نئين لهر پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ پوليس آفيسرن کي ٽارچر ڏيڻ، ڏکيو ڪرڻ، وري رسمي معافيون وٺي ڇڏڻ جو اهڙو رواج پئجي ويو آهي، جو هاڻ ان محڪمي جي ننڍي وڏي پوليس عملدار کي نوڪري ڪرڻ ۾ خوف پيو اچي، نواز شريف کي چاهيندڙ پوليس آفيسر عدالتن ۾ ۽ ميڊيا جي اڳيان عمران خان کي انصاف جون اپيلون ڪندي، پنهنجن بالا آفيسر کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي، خودڪشيءَ جون ڌمڪيون به ڏيئي رهيا آهن، صورتحال امن و امان جي جيڪا پنجاب ۾ خراب ٿي رهي آهي، يا عورت جي کلي عام جيڪا ٻچن جي اڳيان بي عزتي ڪئي ويئي، اهڙن واقعن سان ميڊيا پنجاب جي حڪومت کي جلد روانو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته عمران خان هر حال ۾ عثمان بوزدار کي بچائڻ ٿو چاهي، صرف چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي جن سان ڪن وڏن واعدو ڪيو آهي ته توهان ان کي “ان هائوس“ تبديل ڪري، روانو ڪريو ته پنجاب حڪومت توهان کي ڏياريو، هاڻ خبر نه آهي ڪهڙا وڏا اصلي آهن، ڪهڙا وڏا نقلي آهن.؟

ڪامريڊ سليم چيو ته “موالي… تون هميشه چوندو آهين ته ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا، سو ڀلي ملڪي ادارا يا غير ملڪي قوتون عمران خان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، پر خدا مٿس مهربان آهي، ۽ جيئن هو گذريل ڏکين حالتن کي منهن ڏيئي، هيستائين آيو آهي، جو ملڪ لاءِ، خوشحاليءَ جو نئون دور شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو اٿس، ۽ جلد ئي چائنه ۽ ٻين ملڪن جي تعاون سان جيڪا ترقي ۽ تعميراتي ڪم ٿيڻا آهن، ان سان اسان جي ملڪ جا حاڪم بيروزگاريءَ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا، هن وقت ڏيساوري سيڙپڪارن جي جيڪا کيپ پاڪستان ۾ پهچي رهي آهي، ۽ تعميراتي ڪمپنيون ملڪ جي اندرون علائقن ۾ جيڪي تعميراتي اسڪيمون شروع ڪرڻ واريون آهن، انهن ۾ وڌ ۾ وڌ ڏيساوري قوتن جي سرمائيڪاري آهي، جنهن مان اسان کي اهو کٽڪو ضرور هئڻ گهرجي ته ڪٿي انگريز وري مرچن جون ڪوٺيون کولڻ بهاني اسان تي قبضو ڪرڻ جون تياريون ته نه ڪري رهيا آهن…؟؟؟، عمران خان انهن کي منهن ڏيندي چائنا جي هٿ ۾ هٿ ملائي، وڏي دليريءَ سان انهن مخالف قوتن جي منهن ۾ منهن ڏيئي ڳالهائي، چائنا کي پنهنجو وڏو مددگار ساٿي بنائي، انڊيا کي به اکيون ڏيکاري رهيو آهي، ۽ آمريڪا کي به ڪاڻ نه ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي،  تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار بلند ڏسندي ڀٽي صاحب کان پوءِ اسلامي بلاڪ جي خواب کي تعبير ڏيڻ لاءِ چائنا جي تعاون سان جيڪو قدم کڻڻ وارو آهي، اهو هاڻ ٽرمپ جي اليڪشن کان اڳ ئي کڄڻ ممڪن ٿي پيو آهي، نه ته ٽرمپ جي اليڪشن کان پوءِ جي نتيجن تي اسان جو ملڪ وري به غير يقيني حالتن ڏانهن هليو ويندو، يعني اڻ سڌي طرح اسان جي مالڪي ڪرڻ وارا ملڪ ۽ ادارا جيستائين چائنا جي مدد مان پنهنجي خراني جي پوزيشن ۽ پاڪستان جي رپئي جو قدر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، تيستائين آمريڪي ڊالر پاڪستاني سڪي کي هر هنڌ ڌڪي رهيو آهي، ۽ ڌڪيندو رهندو، ماڻهو ڊالر خريد ڪري، جيڪي گهرن ۾ رکي ويهي رهيا آهن ۽ وڏي اگهه جو انتظار ڪري رهيا آهن، عمران خان انهن کي ڪنهن به طرح آماده ڪري بئنڪن جي ذريعي وڏا منافعا ڏياري، اهي ڊالر ملڪي بينڪن ۾ واپس آڻارائي، ته ڊالر جي گهڻائيءَ سان پاڪستاني رپئي جو قدر ٿي سگهي ٿو، پر اسان جون اهي ئي قوتون اهو ڪرڻ کان روڪي رهيون آهن، جن وٽ اسان جي تبديلي جي اصلي چاٻي آهي.“

مواليءَ ٽهڪ ڏيندي چيو ته “ڀليو آهين… اسان جي زرداري صاحب کي انهن ادارن ۽ ملڪن سان کيڏندي وڏو وقت ٿي ويو آهي، ۽ اهي جيڪي پيپلز پارٽيءَ جي وجود کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي مڪمل قيادت کي شهيد ڪرائڻ کان پوءِ ان پارٽيءَ کي صوبه سنڌ جي اندر محدود رڪڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، ۽ هاڻ لوڪل باڊيز جي ذريعي وري انگريز جي اها پاليسي ته ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” وارو دور لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ شروع ڪري، پيپلز پارٽيءَ جو گراف وڌيڪ ڪيرائڻ لاءِ آخري فند استعمال ٿي رهيا آهن، پر زرداري صاحب کي اهو عرصو جيڪو هن جيل ۾ گذاريو يا اقتدار کان پري رهيو، اهو وڏو تجربو ڏيئي ويو آهي، جنهن جي ڪري ڀلي ته هي قوتون يا پرڏيهي قوتون ملڪ جي سڀني ادارن کي ناڪام بنائي، معاشي حالتون خراب ڪري، تعليم ڦري، عدالتن ۾ ڪرپشن ڪري، امن و امان کي تباهه ڪري، سوشل ميڊيا جي ذريعي ننڍن وڏن کي هيروئني بنائي، ميڊيا ۾ اهڙو ڦاسائي ڇڏيو آهي، جو هاڻ عمران خان جي ڪابه تبديلي انقلاب آڻي نه سگهندي، بلڪه هي عالمي بيماري آهي، جيڪا سوشل ميڊيا ۽ موبائل جي ڪري اسان جي نسلن جي رڳن ۾ گهر ڪري ويهي رهي آهي، اسان جو وڌ ۾ وڌ وقت ۽ پئسو ان تي ئي لڳي رهيو آهي، پر پيپلز پارٽي ڪنهن به دور ۾ نه ختم ٿي آهي، ۽ نه سنڌ مان ختم ٿي سگهندي، اها ٻرندڙ باهه جنهن کي عارضي طرح ڦلهيار وجهي ڍڪيو ويو آهي، ڪڏهن ڪو وري واءُ وريو ۽ عوامي قوت تي اعتبار ڪري، پنهنجو دفاع پاڻ ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو، ته پوءِ سڄي ملڪ ۾ اڪيلي پيپلز پارٽي ئي عروج تي اچي ويندي، اها اسان جي دور انديشي سمجهين يا پيشن گوئي، ته هڪ دفعو وري جيئي ڀٽو ٿيندي تڏهن ئي اسلامي ملڪن جي سربراهي اسان جي ملڪ جي نصيب ۾ ايندي.“

تڏهن مون چيو ته “ادا… سٺا خواب ڏسڻ ۽ سٺيون ڳالهيون ڪرڻ سڪون لاءِ به سٺو آهي، ڇو ته بي سڪوني اسان جاهلن جي پنهنجي اندر ۾ آهي، اسان صرف جهالت جي ڪينسر ۾ رڪوڙجي ويا آهيون، جنهن جي ”ڪيموٿراپي“ صرف تعليم، تعليم ۽ تعليم آهي، اهائي آڪسيجن آهي، حضرت يوسف وانگر سنڌ کي کوهه ۾ اڇلايو ويو آهي، پر حضرت يوسف وانگر اسان اڇلايل، ڪنڊ ۾ پيل، سڪڙيل، سٽيل، ڦريل، ڏتڙيل سنڌين کي پنهنجي ان جذبي ۾ ايمان آهي ته هن شهيدن جي مهيني جي صدقي ۾ انهن شهيدن جو به خون رائيگان نه ويندو، جن هن ملڪ جي عوام کي آزاد شهري ۽ سٺو پاڪستاني بنائڻ لاءِ ايٽم بم ڏنو، آزادي ڏني، علم ڏنو، صوبائي خودمختياري ڏني، اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي ذريعي هن ملڪ کي اسلامي دنيا جو بي تاج بادشاهه بنائي پيش ڪيو، ۽ اڄ به انهن کي جڏهن ايٽمي ۽ دفاعي هٿيارن جي ضرورت آهي ته هو اسان جي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري، اسان جي ادارن کان ئي ڊيمانڊ ڪندا آهن، جيڪي هٿيار اسان آمريڪي پابندين جي سبب نه پيا ٺاهي ۽ وڪڻي سگهون، تن جا خريدار اسان وٽ اڄ به ڪيترا ملڪ موجود آهن، چائنا جي تعاون سان پنهنجي ٽيڪنالاجيءَ کي آزاد ڪري، جيئن آمريڪا پنهنجي جديد هٿيارن کي کلي عام مارڪيٽ ۾ آڻي، ڪنهن به طريقي سان انهن جو وڪرو جاري رکيو اچي، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل جي ذريعي اهي بل پاڻ پاس ڪرايو ويٺا آهن، ته ايٽمي قوتن ۾ اضافو نه ڪيو ويندو، ايٽمي هٿيار نه ٺاهيا ويندا، ۽ ايٽمي لڙاين کان پاسو ڪيو ويندو، اهي سمورا قانون اسان جي ملڪ پاڪستان تي ئي وڌ ۾ وڌ لاڳو ٿي رهيا آهن، پر هاڻ چائنا سان گڏجي جيڪي هٿيار يا استعمال جون شيون اسان جي سي پيڪ جي ايريا ۾ اسلامي ملڪ يا جيڪي به ترقي پذير ملڪ آهن، اهي ايران وانگر دليريءَ سان پنهنجي قوم کي انسانيت جي رستي تي آڻي، انسان بنائڻ وارو علم عطا ڪري، سچو پاڪستاني ۽ سٺو شهري بنائڻ لاءِ فني تعليم ۽ صنعت سازي ڪري جيڪي مراعتون ۽ تعميراتون ٿيڻ واريون آهن، انهن ۾ هي آخري موقعو هوندو، جي اسين سنڌي تعليم نه ٿا بچائي سگهون، ته بيروزگاريءَ ۾ خاتمو آڻڻ لاءِ انهن سڀني ترقياتي ۽ تعميراتي ادارن ۾ اسان جي بيروزگار نوجوانن کي برسر روزگار ڪري، معاشي ماحول درست ڪيون، بس… اسان وٽ مايوسي گناهه ۽ نااميدي ڪفر آهي، اهو اسلامي آئين قرآن جي ذريعي اسان جي رڳن ۾ موجود آهي، اسان جي ان ڪمپيوٽر جو “پاس ورڊ” هٿ نٿو اچي، ان ڪري جيڪو به عمل ڪريون ٿا، ان ۾ (Error) “ارر” اچيو ٿو وڃي، جڏهن اسان کي اصلي ”پاس ورڊ“ هٿ اچي ويو ته پوءِ اسان ئي اها اسلامي وڏي قوت وارو ملڪ آهيون، جو اسلامي ۽ ترقي پذير ملڪن جي قيادت ڪري سگهون ٿا، پر جهڙي نيت تهڙي مراد.“

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.