حيدرآباد سول اسپتال انتظاميا جي نااهلي، آپريشن جو فائيل گم

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد سول اسپتال انتظاميا رٿيل آپريشن جو فائيل گم ڪري ڇڏيو، مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، وارثن  پاران سول اسپتال حيدرآباد ۾ اسپتال عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سيتا روڊ واسڻ سلمى پليپوٽو جو ڪالهه جگر جو آپريشن رٿيل هيو، جيڪو پروفيسر الطاف ٽالپر کي ڪرڻو هيو، پر آپريشن وقت ئي مريض جو فائيل گم ٿيڻ سبب آپريشن نه ٿي سگهيو، اسپتال انتظاميا طرفان فائيل گم ڪرڻ تي وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مريض سلمى پليپوٽو جي مڙس ڪامران پليپوٽو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي زال جگر جي مريض آهي، جنهن جي علاج لاءِ آئون گذريل 4 مهينن کان سول اسپتال حيدرآباد جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان هن چيو ته آپريشن جي تاريخ ملڻ سبب مريض رات کان ڪجهه به ناهي کاڌو ۽ هن وقت مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. هن چيو ته آئون بار بار اسپتال عملي کان فائيل بابت معلومات وٺي رهيو آهيان، پر عملو فائيل بابت لاعلمي ظاهر ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر اقرا آپريشن عيوض 15 هزار روپيا رشوت طلب ڪري رهي آهي. هن چيو ته مون کي شڪ آهي ته اسپتال عملي رشوت نه ڏيڻ تي فائيل گم ڪري ڇڏيو آهي. هن ڊي جي هيلٿ ۽ ڊي ايڇ او حيدرآباد سميت لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي فائيل گم ڪندڙ ۽ رشوت طلب ڪندڙ اسپتال عملي ۽ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.