سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جي تحفظ بابت نئون قانون لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جهنگلي جيوت جي 2020 واري قانون تي صحيح ڪري ڇڏي جنهن ۾ سائبر ڪرائم جي تحت ڪيسن جي شق به شامل ڪئي وئي آهي.

جهنگلي جيوت کاتي جي چيف ڪنزرويٽر جاويد مهر ٻڌايو ته جهنگلي جيوت جي تحفظ جو 2020ع وارو قانون سنڌ جي گورنر جي صحيح کان پوءِ سڄي صوبي ۾ لاڳو ٿي ويو.

هن ٻڌايو ته جهنگلي جيوت جي تحفظ واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 6 مهينا قيد ۽ ڏنڊ ٿيندو.

جاويد مهر ٻڌايو ته جهنگلي جيوت جي تحفظ جو قانون 2020 ۾ بنا اجازت ۽ لائسنس کان سواءِ جهنگلي جيوت جي رکڻ تي 6 مهينا قيد ٿي سگهي ٿي.

چيف ڪنزرويٽر ٻڌايو ته جهنگلي جيوت بابت نئين قانون تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته بنا لائسنس جي مارڪيٽن ۽ دڪانن تي پکين جي غير قانوني وڪري ۽ خريداري تي به مڪمل پابندي هوندي.

هن ٻڌايو ته بنا لائسنس شڪار ڪري سوشل ميڊيا تي نمائش ڪندڙن جي خلاف سائبر ڪرائم جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.