پوليس قبضا گروپ بڻجي ويندي ته موٽر وي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس ملڪ ۾ قبضا گروپ بڻجي وئي آهي ۽ پوليس قبضا گروپ بڻجي ويندي ته موٽر وي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي زمين تي پوليس جي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوليس ملڪ ۾ قبضا گروپ بڻجي وئي آهي ۽ پوليس قبضا مافيا بڻجي ويندي ته موٽر وي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته پوليس ڪِنن بيضن کي ٻاهر ڪري ۽ آفيسرن کي معاف ڪرڻ جي روش ڇڏي ڏيو.

چيف جسٽس قاسم خان ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي پنجاب کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.