بدين ۾ غيرمنظور شده پلاسٽڪ وڪرو ڪندڙ دڪانن تي ڇاپا

 

بدين (رپورٽ:رازقڏنوکوسو) حڪومت طرفان غير منظور شده پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي خريد ۽ فروخت ۽ اسٽاڪ رکڻ جي عوامي شڪايتن بعد صوبائي صلاحاڪار ماحول جي تحفظ ڪوسٽل ڊولپمنٽ ۽ موسمي تبديلي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي نوٽيس بعد ماحول جي تحفظ کاتي جي ڊائريڪٽر نعيم احمد مغل ريجنل ڊائريڪٽر عمران علي عباسي جي هدايتن تي بدين جي ڊائريڪٽر عبدالروف قريشي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شعيب علي خواجه بدين شهر ۾10 کان مٿي پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو هول سيل ۽ ريزڪي ڪاروبار ڪندڙ مختلف دڪانن تي ڇاپا هنيا. دڪانن ۽ گدامن ۾ اسٽاڪ ڪيل غيرمنظور شده ۽ ماحول دشمن ٿيلهين جي موجودگي تي کين ڇنڊ پٽي کين غيرمنظور شده ٿيلهيون خريد ۽ فروخت ۽ اسٽاڪ رکڻ جي صورت ۾ کين سيپا قانون  2014  تحت مال ضبط ڪري دڪان سيل ڪرڻ ۽ عدالت ۾ ڪيس فائل ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدين شهر ۾ موجود 15 دڪانن مان 13 دڪانن تي ڇاپا هنيا ويا آهن جتي ڪافي غير منظور شده ٿيلهين جو اسٽاڪ مليو آهن هنن چيو جلد ضلعي جي ٻين شهرن ۾ به اهڙن دڪانن جو دورا ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.