ڪي اين شاهه ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءُ فوت

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ سيد اطهر بخاري)خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ دودو لغاري جي معزز شخصيت رٽائرڊ پرائمري استاد 65  ورهين جي محمد موسي لغاري بجلي واري موٽر مان وضوع ڪري رهيو هيو ته موٽر شاٽ ھجڻ تي کيس ڪرنٽ لڳو رڙين تي سندس ڌي 35 ورهين جي اربيلي زال محمد يوسف پيءُ کي بچائيندي ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ بيهوش ٿي وئي گهر ڌڻين جي رڙين تي ٻنهي زخمين کي خيرپورناٿن شاه جي ڊاڪٽر قربان سيال جي پرائيوٽ اسپتال کڻائي پهتا جتي پيءُ ۽ ڌي ٻنهي جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين لاڙڪاڻي اسپتال موڪليو لاڙڪاڻي نيندي ميهڙ ۾ ٻنهي جي حالت خراب ٿي وڃڻ تي ميهڙ تعلقا اسپتال پهتا جتي ڊاڪٽرن پيءُ ۽ ڌي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي اسپتال ۾ روڄ راڙو مچي ويو.  فوت ٿي ويلن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي سندس گهر ۾ قيامت صغرا وارو منظر گهر ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا سڄي ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو هر اک آلي نظر پئي آئي فوت ٿي ويل محمد موسي لغاري کي چار پٽ پنج نياڻين جو اولاد آھي هو ڳوٺ جي معزز شخصيت هيو فوت ٿيڻ جي خبر پوڻ تي آس پاس جي ڳوٺن مان وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا وڇايل تڏي تي پهتا هر اک آلي نظرپئي آئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.