ڀان سيد آباد ۾ گهر مان هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جي چوري

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد شهر ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي، سيد محلا ۾ پوليس پڪٽ جي سامهون  سيد ڪوڙل شاهه  جي حويلي مان نامعلوم چور هڪ ڪروڙ 20 لک روپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا، نامعلوم هٿياربند علائقي جي معزز شخصيت سيد ڪوڙل شاهه جي حويلي ۾ گهڙي الهه تلهه ٻهاري ويا، ان سلسلي ۾ متاثر گهرڀاتي سيد ڪوڙل شاهه، سيد اشفاق شاهه ٻڌايو تہ چور اسان جي گهر ۾ گهڙي 60 لک روپيا روڪ رقم، ۽ 60 لک روپين جي ماليت جا سونا زيور چوري ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع ڀان سيدآباد پوليس کي ڏنو ويو ۽ اين سي پڻ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي، هوڏانهن شهرين جو چوڻ آهي تہ ڀان سيدآباد جي تاريخ ۾ هي وڏو واقعو آهي، پوليس کي ننڊ مان جاڳڻ گهرجي، واقعي واري هنڌ ڀرسان پوليس پئڪٽ پڻ هوندي آهي پر افسوس ته ان جي باوجود به ايڏو وڏو واقعو پيش آيو، پوليس معاملي جو نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرائي،  ٻئي طرف ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد پڪٽ تي ڊيوٽي ڏيندڙ ٻن پوليس اهلڪارن کي ڪواٽر گارڊ ڪيو ويو ۽ ايس ايس پي ڀان سيدآباد پهتو، جتي هن متاثر شهري سيد ڪوڙل شاه جي حويلي جو دورو ڪري جاء واردات جو معائنو ڪيو، سيد ڪوڙل شاه جي گهر مان ٿيل چوري تي ڀان سيدآباد پوليس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ چيو تہ ڀان سيدآباد ۾ امن امان جي صورتحال کي مان پاڻ مانيٽر ڪندس، هاڻي چورن خلاف ڌرتي تنگ ڪئي ويندي، جيڪي  به ڏوهه ٿيا آهن اهي واپس ڪرائڻ لاء پوليس کي الرٽ ڪيو آهي. هن چيو تہ سيد ڪوڙل شاه جي حويلي مان ٿيل چوري واري واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي، مون بذات خود جاء واردات جو معائنو ڪري جائزو ورتو آهي، انشاء الله جلد چورن کي پڪڙي چوريون واپس ڪرائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.