خيرپور ۾ اهلڪار جو استاد مٿان تشدد، احتجاج

خيرپور (ڊ ر) ايس ايس پي آفيس جي انڪوائري سيل جي انچارج عنايت الله سومرو جي استاد مٿان تشدد ٽي چيڪ کسي ٻه ڪلاڪ بند  ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو، استاد جو پريس ڪلب اڳيان انصاف لاءِ احتجاج ،انڪامڪ زون ٿاڻي جي حد ڦوڙي چانِڊيا جي اسڪول جي استاد لطف الله انڙ پنهنجي اسڪول جي استاد کي اوڌر تي هڪ لک 70هزار ڏنا،جنهن تي استاد انور چانڊيو هن کي ٽي چيڪ ڏنا،جيڪي ٽن مهينن بعد پاس ٿيڻا هئا، جڏهن  استاد لطف الله انڙ ٽن مهينن بعد چيڪ پاس ڪرائڻ بينڪ ويو ته اڪائونٽ زورو هيو، جنهن بعد چيڪن تي ميمو هڻائي، ايس ايس پي آفيس ۾ استاد خلاف شڪايت ڪئي،اڄ اڱاري ڏينهن انڪوائري لاءِ انسيپڪٽر عنايت الله سومرو وٽ پهتس ته هن مون کان ميمو لڳل چيڪ کسي مون مٿان وحشياڻو تشدد ڪري مون کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، خاموش رهڻ جي شرط تي مون کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو،ا ستاد لطف الله انڙ آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته مون سان ناانصافي ڪندڙ عنايت الله سومرو خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي مون کي استاد انور چانڊيو کان پيسا واپس ڏياري جاني مالي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.