اووربلنگ ختم ڪرڻ تي ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو بجلي جي خاطري

ڪراچي(رپورٽ : جي ايم کوکر )گورنر گورنر عمران اسماعيل سان ڪي اليڪٽرڪ جي نئين چئرمين شان عباس اشاري ملاقات ڪئي، ملاقات  ۾ گورنر ڪي اليڪٽرڪ جي چئرمين کي  ڪراچي جي عوام مٿان اووربلنگ ۽ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي شرط تي وفاق کان وڌيڪ ميگا واٽ بجلي وٺي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ان کان اڳ ڪي اليڪٽرڪ جي چيئرمين گورنر کي اپيل ڪئي ته ڪراچي شهر جي آبادي ۾ واڌ اچڻ ڪري بجلي جي کوٽ آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت وڌيڪ ميگا واٽ بجلي ڏئي ته جئين شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو هميشه لاءِ خاتمو آڻي سگهجي، ان موقعي تي گورنر سنڌ  ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن کي چيو ته ڪراچي جو وڏو مسئلو ڪراچي جي عوام کي ڪي اليڪٽرڪ طرفان موڪليل ڳرا بل آهن توهان جو اسٽاف اووربلنگ اماڻي ٿو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.