جهانپور ۾ ميلي تان موٽندي پيءُ پٽ سميت اغوا ٿيل 4 ڄڻا راڄوڻي بعد بازياب، نوجوان گم

سرحد ( ن ع آ ) سرحد ويجهو صوفي انور شاهه جي ميلي تان پنج ڏينهن اڳ  اغوا ٿيل فوجي اهلڪار سميت 4 مغوي راڄوڻي ڊيل تحت آزاد، وڌيڪ هڪ نوجوان ٻن ڏينهن کان گم آهي. سرحد ٿاڻي جي حد صوفي بزرگ انور شاهه جي ميلي تان گهر ويندي پنج ڏينهن اڳ  ڌاڙيلن  هٿان اغوا ٿي ويل ڳوٺ محمد عظيم ميراڻي واسي فوجي اهلڪار جاويد ميراڻي، سندس معصوم پٽ مقداد علي، قربان ۽ شهزاد ميراڻي  ڌاڙيلن جي قيد مان آزاد ٿي واپس پهچي ويا آهن. چئني کي ڌاڙيل  اغوا ڪري سنڌو درياءِ جي ڪچي ۾ کڻي وڃي يرغمال بڻائڻ بعد سندن وارثن کان 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو،  ذريعن موجب سرحد ٿاڻي ، آندل سندراڻي ٿاڻي، ٻيلو ميرپورٿاڻي  جي ايس ايڇ اوز ڪچي ۾ بااثر ماڻهن معرفت ڌاڙيلن سان راڄوڻي ڳالهيون ڪري مغوين جي آزادي لاءِ چيو، ذريعن موجب ان عيوض ڪچي ۾ ڀيا فور ۾ لڳل پوليس پڪٽ کي ختم ڪرڻ ، ڪجهه پوليس آفيسر بدلي ڪرڻ جا شرط رکيا، پوليس ذريعن موجب ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون بااثر ماڻهن معرفت ٻن ڏينهن جي ڪوشش کانپوءِ آخرڪار ڪامياب ٿي ويون،  ذريعن موجب رات دير سان فوجي اهلڪار سميت چئن مغوين کي بااثر ماڻهن معرفت پوليس حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن سرحد ٿاڻي جي حد جهانپور شريف ۾ صوفي انور شاهه بخاري جي لڳندڙ ميلي تي سيڪورٽي جا سوين اهلڪار مقرر هئڻ باوجود ماڻهو غير محفوظ آهن،  ڳوٺ وسطي عنايت شاهه جو رهواسي 15 ورهين جو نينگر حسن رضا ڀٽو جيڪو ميلو گهمڻ آيو ٻن ڏينهن کان گم آهي. ڳولا ڪرڻ باوجود هٿ نه اچڻ ۽ سندس موبائل فون مسلسل بند هجڻ ڪري وارثن اغوا جو خدشو ڏيکاريو آهي. سرحد ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ڪال اٽينڊ نه ڪئي جڏهن ته سندس پي آر او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس پي صاحب جو موبائل بند آهي پر نوجوان جي اغوا بابت اهڙو ڪوبه اطلاع نه مليو آهي.

خانپورمهر مان اغواٿيل هندو نوجوان بازياب نه ٿيو، هڪ ڄڻو گرفتار

خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر) هڪ ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل خانپورمهر جي ويراڻي محلي واسي هندو نوجوان مھيش ڪمار پٽ منور  لال جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، خانپور مهر پوليس سي سي ٽي وي ڦوٽيج جي مدد سان ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ گبول برادري سان تعلق رکندڙ شخص  مھيش کي خانپورمهر کان موٽرسائيڪل تي کڻي گهوٽڪي جي ٽنڊو ڦاٽڪ وٽ ڇڏي آيو هو، هوڏانهن جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر پاران  محمد ابراهيم مهر ۽ سوجھرو مهر هندو برادري وٽ پهچي مکي چندر لال، سڌام چند، نوجوان جي والد منور لال ۽ چاچي راجڪمار سان ملاقات ڪئي،جڏهن ته سردار علي گوهر خان مهر فون تي ڳالهائيندي چيو ته هندو برادري سان اسين هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون.  سندن هر ممڪن مدد ڪنداسين.ٻئي طرف پي پي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل سان رابطو ڪري مھيش ڪمار کي فوري طور بازياب ڪرائڻ لاءِ چيوآهي.نوجوان مھيش جي ڪمار جي گمشدگي جي رپورٽ خانپورمهر ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن مغوي هندو نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.