پاڪستان ڀارت آمريڪا ورڪنگ گورپ اجلاس جي پڌرائي رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت جو جارحاڻو رويو سڄي ڏکڻ ايشيائي خطي جي امن کي سخت خطرن ڏانهن ڌڪي، عالمي برادري کي ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو خطي جي امن ۽ استحڪام  جي خلاف روش اختيار ڪرڻ کان باز رهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ ڀارت ۽ آمريڪا جي 17هين دهشتگردي جي انت واري گڏيل ورڪنگ گروپ جي پڌرائي تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته 17هين اجلاس جي پڌرائي ۾ پاڪستان جي بنا جواز حوالي کي سختي سان رد ڪري ٿو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان ان حوالي سان پنهنجا خدشا آمريڪي لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي ڇڏيا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورا شريڪ ملڪ ڏکڻ ايشيائي خطي جي امن امان سان سلهاڙيل مسئلن جو ذڪر، زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ڪن.

هن چيو ته عالمي برادري ان حقيقت کان سٺي ريت باخبر آهي ته پاڪستان هندوستان جي ايما ۽ سهڪار سان سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، عالمي برادري پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪاوشن، قربانين ۽ انهن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي قبول ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.