ملڪ جي ٻين علائقن وانگر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به 6 مهينن جي وقفي کانپوءِ يونيورسٽيون ، ڪاليج ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول ايس او پيز هيٺ کلي ويا آهن ، سکر ۾ به اعلان موجب مڙئي تعليمي ادارا کلي ويا ، انتظاميا طرفان سينيٽائيزر گيٽن مان گزارڻ بعد شاگردن کي سينيٽائيزر سان هٿ به ڌوئاريا ويا ، ماسڪ جو استعمال ڪرائڻ سميت ٽمپريچر به چيڪ ويو جڏهن ته پهرين ڏينهن تي شاگردن جي حاضري به گهٽ رهي ، تعليمي ادارا کلڻ سبب والدين پاران به سک جو ساه کنيو ويو ، هوڏانهن ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيونشز رخسانه شاهين منڱڻيجو تعليمي ادارن جي دوري تي نڪري پئي. هن اسڪولن ۾ جاري تعليمي عمل ۽ ايس او پيز جو جائزو ورتو. ڏهرڪي ۾ به ڊگهين موڪلن کانپوءِ سرڪاري جي حڪم موجب نائين درجي کان انٽر تائين اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا ،
مختيارڪار ڏهرڪي اشرف علي پتافي ايس او پيز تي پابندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسڪولن جو وزٽ ڪندي ٽيمپريچر چيڪ ڪيو ۽ سماجي وٿي ۽ ماسڪ سميت اسڪولن اندر صفائي سٿرائي سميت ٻيون۔هدايتون جاري ڪيون ، شڪارپور ، جيڪب آباد توڙي ٻين ضلعن ۾ به ايس او پيز تحت اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا جڏهن ته شاگردن جي حاضري نهايت گهٽ رهي