”راوي ريور پراجيڪٽ مان نيا پاڪستان جو تصور نظر پيو اچي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان لاهور جي ڀرسان نئون شهر وسڻ لاءِ راوي ريور فرنٽ اربن ڊويلپمنٽ پراجيڪٽ جي پيڙهه جو پٿ رکي ڇڏيو.

وزير اعظم راوي ريور فرنٽ اربن ڊويلپمنٽ پراجيڪٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مون کي ان منصوبي جي ذريعي نيا پاڪستان جو تصور نظر پيو اچي، هي منصوبو آسانه نه پر ڏاڍو ڏکيو آهي جنهن ۾ رنڊڪون اچڻ آهي پر هي شهر لاهور ۽ پاڪستان جي ضرورت آهي، لاهور ۾ 40 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن ۽ هي شهر تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي.

عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو نيا پاڪستان کي ڏکيائين سان جوڙي رهيا آهن، جڏهن ته ڏکيو وقت ايندو آهي ته ڪيمرا ۽ مائڪ پڪڙي ماڻهن کان پڇندا آهن ڪٿي آهي نيا پاڪستان؟ ملڪ ۾ واقعي مهانگائي ٿي آهي ۽ خراب حالتون آهن، جڏهن ته ڏکين حالتن ۾ اهڙا سوال ڪنداسين ته ماڻهو گهٽ وڌ چوندا.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻ ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ سان ملڪ کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو آهي، اڳوڻي حڪمرانن جي ترجيح پيسو بڻائڻ هو، ماضي جا حڪمران ملڪ کي قرضن جي دلدل ۾ ڌڪي ويا، ته ماڻهن کي ڏکيائين مان گذرڻو پوندو.

 عمران خان چيو ته زندگي ۾ وڏا ڪم ڪرڻ جي لاءِ سوچ وڏي ڪرڻي پوندي آهي، ماڻهن جي سوچ هوندي آهي ته اقتدار ۾ آيا، شگر ملون هنيون، پيسا ٺاهيا، لنڊن ۾ وڏا گهر  ورتا، پر اهڙو انسان به ننڍو رهجي ويندو آهي، وڏي ڪم لاءِ وڏا خواب ڏسڻا پوندا آهن، ان ڪري جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، پوءِ ڪو هب رستو ناهي هوندو، تڏهن ئي انسان جون صلاحيتون ٻاهر اينديون آهن.

 وزير اعظم وڌيڪ چيو ته نئون شهر ضروري آهي ڇو ته لاهور ڦهلجندو پيو وڃي، شهر جي 40 سيڪڙو ڪچي آبادي آهي جنهن ۾ رهڻ وارن جي باري ۾ ڪڏهن ڪنهن سوچيو ئي ناهي، ڪورونا جي وبا جي دوران مودي بنا سوچ سمجهه جي لاڪ ڊائون هنيو، ڀارت ۾ اِهو الله جو عذاب آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان معيشت ڪِري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.