سجاول جوڻيجو لڳ پورهيت جو گهر ڊهي پٽ، ٻارڙا زخمي، سهائتا جي اپيل

سجاول جوڻيجو (رپورٽ: عبدالغفار ڀٽو) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش جتوئي جي رھواسي برسات متاثر پورھيت محمد  اويس جتوئي طرفان مالي سھائتا لاءِ  احتجاج ڪيو،   ان موقعي تي پورھيت محمد اويس جتوئي چيو تـ زوردار برسات پوڻ سبب منهنجو گهر ڪري ڊھي پٽ ٿي ويو آهي،   اوچتو گهر ڪرڻ سبب گھر اندر موجود 3 ٽي معصوم ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا  جن ۾ منهنجي نياڻي معصومـ جي ڄنگھه ڀڄي پئي، پٽ محمد حسين کي دماغ جي ھڏي ۾ ڌڪ لڳو، جڏهن تـ ڀائٽي محمد فاروق جي پڻ ڄنگھه ڀڄي پئي آهي،  ھن وڌيڪ چيو تـ غريب مسڪين آهيان، گهر ڊهڻ سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ڪنهن واهر ناهي ڪئي، هن چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻارڙن جو علاج ڪرائي گهر ٺهرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.