مدئجي ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 نوجوان زخمي

مدئجي (ن ع آ) مدئجي ڀرسان توربند بس اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن   وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو،  نتيجي ۾ مرزاپور واسي نوجوان قدير جوڻيجو ۽ ڳوٺ علي محمد ڪيھر جو رھواسي يونس ڪيھر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  ھوڏانھن ڳاھيجا پوليس واقعي واري هنڌ پھچي حادثي جو شڪار ٿيل گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيھاريو ڇڏيو. جڏهن  ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

ٽنڊي آدم پوليس هٿان فراڊ ڪيس ۾ روپوش جوابدار سوگهو، لاڪ اپ

ٽنڊو آدم (ت ر) سٽي پوليس ٽنڊي آدم ڄام شوري جي رهواسي سيد رضا عباس شاھ کي 30 لک روپين جي فراڊ ڪيس ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٽريس ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار مٿان سٽي ٿاڻي تي  چار سال اڳ   فريادي احمد علي شيخ جي فرياد تي 30 لک روپين جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جديد ٽريس ٽيڪنالاجي جي ذريعي سوگهو ڪري لاڪپ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

عادلپور لڳ قتل ڪيس ۾ گهربل 3 جوابدار گرفتار

گهوٽڪي ( ڊ ر ) عادلپور پوليس جي ڪاروائي ڪجھ ڏينهن اڳ قتل ٿيل ناري اميرزادي چاچڙ  جي قتل ڪيس ۾ روپوش 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوي خبر موجب عادلپور پوليس  ڪاروائي ڪندي خالد۔محمد سليم ۽ شمن چاچڙ کي قاضي واھ ڀرسان پير گل وٽان گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي  آھي پوليس موجب تہ  قتل جي واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل خالد چاچڙ کان هٿ ڪيو ويو آھي.

سانگهڙ ۾ پٽ جو پيءُ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

سانگهڙ (ڊ ر)سانگهڙ ۾ ايل بي او ڊي ڊرينيج ڊويزن ميرپور خاص ۾ 15 سالن کان مڪينڪ طور ڪم ڪندڙ صاحب ڏنو عرف رياض  ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس پٽ ڪاشف ميمڻ سانگهڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته بابا 15 سالن کان ڊرينيج ڊويزن ميرپورخاص ۾ مڪينڪ طور ڪم ڪندو هو، پگهارون به ملنديون هيون،  پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ظهير ميمڻ ۽ ڊرينيج ڊويزن جي انجنيئر رياض ڀرڳڙي پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرڻ لاءِ منهنجي والد کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد منهنجو پيءُ ذهني دٻاءُ جو شڪار هو، سندس موت جو ڪارڻ اهي ٻئي آفيسر آهن، جن پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرڻ لاءِ منهنجي پي کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته هنن پراڻن ملازمن کي ڪڍي نون ملازمن کي ڀرتي ڪري ڇڏيو،  جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هن چيو ته اسين غريب ۽ مسڪين ماڻهو هو، محنت مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندا آهيون، ، هنن ايريگيشن آفيسرن اسان سان وڏي زيادتي ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ، هاء ڪورٽ ۽ وس واريون ڌريون منهنجي پي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مون کي انصاف ڏيارين، هن چيو ته والد جي ڪوٽا تي مون کي نوڪري ڏني وڃي.

اعجاز جکراڻي تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو

سکر( رپورٽر) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اعجاز جکراڻي خلاف فرد جرم لاڳو نٿي سگھيو، 28 سيپٽمبر تائين ٻڌڻي ملتوي، خبرموجب نيب سکر پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ صوبائي صلاحڪار اعجاز خان جکراڻي سميت 5 ڄڻن خلاف 74 ڪروڙ روپين جا غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ داخل ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت سکر ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل پاران عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته اعجاز جکراڻي خلاف داخل ڪيس ۾ جاچ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي. جنهن سبب اعجاز جکراڻي خلاف فرد جرم لاڳو نٿي سگھيو آهي. جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جهول ٿاڻي جي وڏي منشي جي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي 2 نامزد جوابدار باعزت بري

ٽنڊوآدم (ت ر) ٽنڊي آدم جي ماڊل ۽ ايڊيشنل سيشن جج قاضي عبدالحڪيم جي عدالت سال 2018 ۾ شهدادپور شهر ۾ قتل ٿي ويل جهول ٿاڻي جي وڏي منشي 50 ورهين جي غلام مرتضى مري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن ڄڻن بشير ۽ عطا حسين مڱڻهار کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو جوابدار ڌر پاران وڪيل محمد بچل انڙ پيروي ڪئي.

گهوٽڪي لڳ رشوت وٺندي سپاهي سوگهو

گهوٽڪي(ڊ ر)گھوٽڪي اينٽي ڪرپشن پوليس سرڪل آفيسر اياز ميمڻ جي اڳواڻي ۾  گھوٽڪي باء پاس تي ھڪ ھوٽل تي ڇاپو ھڻي ھڪ لک رپيا رشوت وٺندي ايڪسائيز جي سپاھي عبدالحميد ميراسي کي گرفتار ڪري ورتو آھي انھي سلسلي ۾ سرڪل آفيسر اياز ميمڻ ,انسپيڪٽر عبدالفتاح مهر سان گڊ پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ت منظور احمد دائودپوٽو جي فرياد تي جديشنل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ڇاپو ھڻي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي.  ھن ٻڌايو ت فريادي منظور احمد دائودپوٽو کان جوابدارن عبدالحميد ميراسي ۽ منظور احمد ڪلوڙ ٻ لک رپيا رشوت وٺي آبپاشي کاتي ۾ 2011 ۾ نوڪري جو آرڊر ڏنو ھو ۽ ھاڻي وري ميڊيڪل جا ھڪ لک رپيا رشوت وٺي رھيو ھو ت ڇاپو ھڻي گرفتار ڪيو ويو آھي, گرفتار جوابدار وٽان ورتل رشوت جا ھڪ لک رپيا ب ھٿ ڪيا ويا آھن سرڪل آفيسر چيو ت فريادي منظور احمد دائودپوٽو جي فرياد تي جوابدارن ايڪسائيز جي سپاھي عبدالحميد ميراسي ۽ ايڪسائيز جي سپاھي منظور ڪلوڙ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.