ڳڙهي ياسين ۾ همراهه خودڪشي ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ محمد يعقوب جکراڻي جي رهواسي ٻن ٻارن جي پيءُ اميد علي پٽ معشوق مڱڻهار  ڀائرن سان ڪاوڙجي گهر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس جي موت جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي چاچي ايوب جکراڻي ٻڌايو ته اميد علي جي پنهنجي ڀائرن سان معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿي هئي جنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي هن گهر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي آهي.  هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.