مانجهند لڳ کاڻ اندر بجلي جي ڪرنٽ ۾ پورهيت فوت

مانجهند ( ن ع آ ) لاکڙا ڪول فيلڊ جي حبيب الله ڪوي  ڪمپني  جي کاڻ اندر ڪم ڪرڻ جي دوران  بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب شانگلا واسي 40 ورھين جو پورھيت شيرين زادھ پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش کي پورهيتن ٻاهر ڪڍي مقامي ڊسپينسري منتقل ڪيو، جتي لاش جي ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد ڪمپني انتظاميا حوالي ڪيو ويو، انتظاميا لاش کي غسل ڪفن ڏئي ڪي پي ڪي جي شانگلا واري علائقي ڏانهن روانو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.