ميرپوربٺوري ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿي، اي سي آفيس اڳيان ڌرڻو

سجاول (رپورٽ: امتياز علي سومرو)  تعلقي ميرپوربٺورو جي 12 يونين ڪائونسلن ۽ ٻن ٽائون ڪاميٽين جي هزارين برسات متاثرين جي واهر نه ٿيڻ، ڳوٺن ۽ گهرن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ سنڌ  سرڪار پاران موڪليل امدادي سامان وڏيرن جي من پسند ماڻهن کي ڏيڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي سوين برسات متاثرين ۽ پ پ تعلقي ميرپوربٺورو جي اڳواڻن پ پ سٽي ميرپوربٺورو جي سابق  صدر عبدالغفور ميمڻ، پ پ تعلقي ميرپوربٺورو جي سابق  جنرل سيڪريٽري علي نواز جتوئي، پ پ سٽي دڙي جي سابق صدر محمد ڪڇي، پ پ يونين ڪائونسل لائقپور جي اڳواڻ محمد ڌريو جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپوربٺورو جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، انهي موقعي تي پ پ اڳواڻن چيو ته  برساتن سبب سم نالا اٿلڻ ڪري تعلقي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي،  انتظاميا پاران برسات متاثرين جي  ڪا به واهر نٿي ڪئي وڃي، جنهن ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ اڄ به پاڻي ۾ ٻڏل آهن، غريب ماروئڙا بي يارو مددگار آهن،   هنن الزام هڻندي چيو ته سنڌ سرڪار پاران برسات متاثرين جي واهر لاءِ ڏنل امدادي سامان ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڏنل ڏھ لک روپيا وڏيرن جي سفارش تي من پسند کي نوازڻ تي خرچ ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته غريب متاثرين لاءِ آيل ٽينٽ ۽ مڇر دانيون پڻ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران گدام ۾ رکائي ويون آهن، هنن وزير اعليٰ  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرائي برسات متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.