ڪوٽڙي ۾ گهر تي پوليس چڙهائي، مارڪٽ، 2 نوجوان کنڀي گم، احتجاج

ڪوٽڙي (ن ع آ) سائيٽ ڪوٽڙي جي عورتن جو سائيٽ پوليس پاران نوجوان کي زبردستي کنڀي گم ڪرڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج دانھون تفصيل موجب سائيٽ ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي جي  عورتن شھناز ـ مريم ـ جويريا راجپوت پريس ڪلب پھچي سائيٽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي دانھيدي چيو ته رات دير سان سائيٽ پوليس وڏن اٽالن سان گڏ اسان جي گھر تي چڙھائي ڪري اسان جي نوجوان احسن توفيق ۽ نعمان راجپوت کي مارڪٽ ڪري زبردستي کنڀي کڻي وئي آھي ھنن چيو ته پوليس اسان عورتن مٿان پڻ تشدد ڪيو آھي آھي ھنب وڌيڪ چيو ته اسان بستي ـ  ٽيليگراف ـ ۽ سائيٽ ٿاڻي تي ويا آھيون پر اسان کي اتان ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو آھي.  ھنن موجب اگر اسان جي نوجوان مٿان ڪو ڪيس آھي ته انھن کي ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ھنن ايس ايس پي ڄامشورو ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين کان مطالبو ڪـندي چيو ته اسان جي کنڀي گم ڪيل نوجوان کي ظاھر ڪري اسان سان انصاف ڪري پوليس جي زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.