دادلغاري ۾ دڪان کي کاٽ، لکن جو سامان چوري

داد لغاري (ن ع آ) دادلغاري ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻن مهينن کان هلندڙ بدآمني جي باھ وسامي نه سگهي آھي جڏهن ته  چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آھن جنهن سبب شهري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن گذريل رات داد لغاري شھر مان دير سان نامعلوم چور بخشاپور محلي ۾ گلشير لغاري جي دڪان کاٽ هڻي دوڪان اندر پيل روڪ رقم سولر پليٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻھاري به احساني سان فرار ٿي ويا,چورين جي وارداتون تيز ٿيڻ باوجود به دادلغاري پوليس سجاڳ نه ٿي.  هوڏانهن دادلغاري شهر واسين سعيد لغاري,گلشيرلغاري,محمود گبول ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٻن مهينن کان چورين ۽ بدامني جو سلسلو هلي پيو مگر دادلغاري پوليس بدآمني کي ٻنجو ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي آڳواڻن چيو ته رات ديرسان نامعلوم چور وچ شهرمان گلشير لغاري جي دوڪان کي کاٽ هڻي روڪ رقم۽ ٻيو قيمتي سامان ٻهاري بي خوف فرار ٿي ويا آھن مگر دادلغاري پوليس آگهور ننڍ پيل آھي شھرين چيو ته داد لغاري پوليس امن ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪي آھي جنھنڪري چوريون ۽ بدامني عروج تي آھي شھرين ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته دادلغاري شهر مان ٿيل چوري واپس ڪرائي پوليس کي سجاڳ ڪري سندس گشت وڌايو وڃي جيئن چورين ۾ گهٽتائي اچي سگهي,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.