جاچ پئي ٿئي يا ڊرامي بازي؟ سي سي پي او جي بيان تي حڪومت معافي وٺي : لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (بيورو+م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس موٽر وي زيادتي ڪيس جي حوالي سان ريمارڪس ڏنا آهن ته خبر ناهي جاچ ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي آهي ۽ سي سي پي او اهڙو جملو چيو، جنهن تي سڄي ڪابينا کي  معافي گهرڻ گهرجي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ موٽر وي زيادتي ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانون موجب حڪومت چاهي ته عدالتي جاچ ڪرائي سگهي ٿي.جسٽس قاسم خان چيو ته قانون پڙهو ۽ مون کي به ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت اهو حڪم جاري ڪيون، رڳو خبر ڇپرائڻ لاءِ درخواستون داخل نه ڪيون وڃن، هن چيو ته شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ذميواري حڪومت جي آهي، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ملڪ جي هڪ نياڻي ان اعتماد سان نڪتي هوندي ته موٽروي  تي هوءَ محفوظ رهندي، هن چيو ته متاثر عورت ۽ هن جا ٻار سڄي زندگي جنهن ڪرب ۾ مبتلا رهندا، ان جو اندازو ڪنهن کي ناهي، چيف جسٽس چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ، هاڻي ڪنهن کي معافي نه ملندي، سڀ ڪجهه قانون جي مطابق ٿيندو، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، چيف جسٽس ان موقعي تي ميڊيا کي درخواست ڪئي ته اها انهن معاملن کي رپورٽ نه ڪري جنهن سان جوابدار کي فائدو ملي سگهي ٿو، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل آهي ۽ جاچ به ٿي رهي آهي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ان معاملي تي سخت ايڪشن ٿيڻ گهرجي ها ته جيئن قوم جي ڌيئرن کي حوصلا ٿئي، ڪيترن ئي وزيرن عجيب بيان ڏنا، خبر ناهي ته انويسٽيگيشن ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي آهي.عدالت چيو ته حڪومتي صلاحڪار ۽ قانون وارو وزير موقعي تي وڃي تصويرون ٺهرائي رهيا آهن، ڇا قانون وارو وزير ڪو انويسٽيگيشن آفيسر آهي جو موقعي تي وڃي تصويرون ٺاهي رهيو آهي، اهي تصويرون پوءِ سوشل ميڊيا تي وجهي ڏيکاريندا آهن ته وڏو ڪم ڪري رهيا آهن.عدالت واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن ۽ تازي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته عدالت  سي سي پي او لاهور کي به طلب ڪري ورتو.پوءِ سي سي پي او لاهور عمر شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ روسٽرم تي اچي پنهنجي بيان تي معافي ورتائين.عمر شيخ چيو ته مون کي اهڙو بيان نه ڏيڻ گهربو هو پر مان بزرگ ۽ پيءُ جي حيثيت سان ڳالهه ڪئي هئي. عدالت چيو ته ان معاملي تي پنجاب حڪومت کي به معافي وٺڻ گهرجي، حڪومت کي پوري قوم کان به معافي وٺڻ گهرجي، هڪ تاثر هليو ويو ته روڊ تي اسان جون نياڻيون محفوظ ناهن، سي سي پي او عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ٽريس ٿي ويو آهي ۽ 2، 3 ڏينهن ۾ اهو ڪيس حل ٿي ويندو، چيف جسٽس کانئس پڇاڻو ڪيو ته اها ڪهڙي انڪوائري آهي جهن ۾ کاتي جو سربراهه مظلوم کي غلط چوڻ  تي بضد آهي، سي سي پي او عدالت کي آگاهه ڪيو ته بدقسمتي سان موٽروي تي سيڪيورٽي  نه هئي جنهن هنڌ تي اهو واقعو پيش آيو اتي پوليس مقرر نه هئي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙن واقعن تي حڪومتن کي معافي وٺڻ گهرجي ۽ متاثر ماڻهن کي هرجاڻو ڏيڻ گهرجي، هتي ڪميٽي ڪميٽي نٿي کيڏي سگهجي، عدالت معاملي جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي اختيارين کان موٽروي سانحي تي ٿيندڙ جاچ ۽ پنجاب ۾ روڊن ۽ شاهراهن تي امن امان جي صورتحال تي تفصيلي رپورٽون به طلب ڪري ورتيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.