ايس او پيز تحت سنڌ ۾ بـه تعليمي ادارا اڄ کان کلي ويندا

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر+م ڊ) وفاقي حڪومت جي فيصلي مطابق سنڌ صوبي ۾ بـه تعليمي ادارا اڄ کان کلي ويندا. خبرموجب ڪورونا  وائرس جي ڦھلجڻ کي روڪڻ خاطر اختيار ڪيل اپائن تحت بند ڪيل تعليمي ادارا ساڍن 6 مهينن بعد اڄ کلي ويندا. سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ ڪلاس نائين، ڏهين، فرسٽ ايئر انٽر ۽ يونيورسٽي جا ڪلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مقامي انتظاميا حڪومت پاران جوڙيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سختي سان هدايتون ڪيون ويون آهن. ٻارڙن جي والدين جو چوڻ آهي ته ساڍن 6 مهينن بعد اسڪول کلڻ سان ٻارڙن جو تدريسي عمل شروع ٿيڻ مثبت عمل آھي، هوڏانهن  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسڪول واپسي تي لکين ٻارن کي ڀليڪار چئون ٿا، ٻارن جو حفاظت سان اسڪول وڃڻ کي يقيني بڻائڻ اسان جي ترجيح ۽ گڏيل ذميداري آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.