ميهڙ: سنڌ سورمي فورم پاران ٻوڏ متاثرن لاء مفت ميڊيڪل ڪئمپ

ميهڙ ڀرسان يوسي منگواڻي جي ڳوٺ نورنگ چانڊيو ۾ سنڌ سورمي فورم جي مرڪزي صدر تبسم چانڊيو جي نگراني هيٺ ٻوڏ متاثرن لاء مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ڪئمپ تي ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ مختلف بيمارين ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪري مفت دوائون به ڏنيون ويون،ميڊيڪل ڪئمپ تي مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ن ساجده چانڊيو،ڊاڪٽر ذوالفقار کوسو، ڊاڪٽر الله ڏنو کوسو ۽ ڊاڪٽر غلام نبي چانڊيو ۽ٻين مريضن جو چيڪ اپ ڪري انهن جو علاج ڪيو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ سورمي فورم جي مرڪزي صدر تبسم چانڊيو چيو ته ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪرڻ جو مقصد غريب ماڻهن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي

ايس او ٽي

ان موقعي تي ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار ۽ تڪ جي چونڊيل نمائيندن کي اپيل ڪئي ته ڳوٺ ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

رپورٽ – جميل مهيسر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.