نوابشاهه :غريب آباد واسين پاران واپڊا عملي جي زيادتين  خلاف مظاهرو

نوابشاهه جي علائقي غريب آباد جي رھواسين پاران واپڊا عملي جي زيادتين  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي جميل احمد قريشي، بشير قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب ٻاھران ڌرڻو هنيو ويو ،  ان موقعي تي دانهيندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته واپڊا جو عملو کانئن منٿليون وٺي رهيو آهي ، ھن چيو ته ڪو مجبور ماڻهو  جيڪڏهن  بل ادا نٿو ڪري ته ان کي بليڪ ميل ڪري ان کا پئسا وٺن ٿا ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واپڊا ۾ موجود ڪارين رڊن خلاف ڪارروائي ڪري غريبن سان انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ- رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.