واقعو موٽر وي تي ناهي ٿيو: مراد سعيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته افسوسناڪ واقعي تي سڄي قوم ڏُکاري آهي پر اسان وٽ ان ڳالهه تي بحث نه پيو ٿئي ته جوابدارن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي.

قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مراد سعيد چيو ته نظام ۾ خامين تي ڳالهه نه پئي ٿئي ۽ اسان وٽ ٻن قسمن جو بحث شروع ڪيو ويو آهي، هڪ سانحي تي مراد سعيد استعيفيٰ ڏئي ۽ ٻيو ليبارٽري ڪنهن ٺاهي هئي ۽ ڊي اين اي جو ڪريڊٽ ڪنهن کي ٿو وڃي.

سندس موجب گهڙي گهڙي چيو پيو وڃي ته موٽر وي تي واقعو ٿيو، جيتوڻيڪ اهو واقعو موٽر وي تي ناهي ٿيو پر ان جي اهميت ناهي ته واقعو ڪٿي ٿيو، هن معاشري ۽ ايوان جو حصو هجڻ جي ڪري مان ذميوار آهيان.

هن چيو ته مرد هجڻ جي حيثيت سان مان ان واقعي جو ذميوار آهيان، ڇو ته اهڙي درندگي مرد ئي ڪندو آهي ۽ پوءِ به ان تي آڱر ناهي کڄندي.

مراد سعيد چيو مون کي اهو چوندي به شرمندگي ٿي رهي آهي ته واقعو موٽر وي تي نه ٿيو، اها اسان جي، رياست جي ذميواري آهي پر بحث ٿي رهيو آهي ته موٽر وي ڪنهن ٺاهيو، ليبارٽري ڪنهن ٺاهي ۽ ٽيسٽون ڪٿي ٿي رهيون آهن.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هن وقت پاڪستان ۾ والدين کي هڪ خوف آهي، توهان انهن کي احساس ڏياريو ته ڌيءُ طاقت هوندي آهي ڪمزوري نه ۽ جيڪي ٻارڙيون گهرن ۾ ڊنل آهن، انهن کي احساس ڏياريو ته رياست ذميواري کڻندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.